ڪرپشن سبب سرڪاري ادارن ۾ هڪ هزار ارب رپيا ضايع ٿي ويا: ناڻي وارو وزير

Homeاهم خبرڪرپشن سبب سرڪاري...

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ناڻي واري  وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته سرڪاري ادارن ۾ ڪرپشن سبب هر سال لڳ ڀڳ هڪ هزار ارب رپيا ضايع ٿيندا هئا، جنهن ڪري يوٽيلٽي اسٽورز، پي ڊبليو ڊي ۽ پاسڪو کي بند ڪيو ويو.

پاڪستان پاليـسي ڊائلاگ ۾ خطاب ڪندي وزير خزانه ٻڌايو ته حڪومت جو سڀ کان وڏو خرچ قرضن تي سود جي ادائيگي آهي، پر گذريل سال 850 ارب رپيا بچت ڪئي وئي ۽ هن سال به بچت جو امڪان آهي. هن چيو ته ڍانچاتي سڌارا، ايف بي آر جي ٽرانسفارميشن ۽ توانائي شعبي ۾ سڌارا جاري آهن.

محمد اورنگزيب ٻڌايو ته گذريل مالي سال ترسيلات زر 38 ارب ڊالر رهيون، جڏهن ته هن سال 41 ارب ڊالر کان وڌڻ جي اميد آهي. پي آءِ اي جي نجيڪاري ۾ مقامي سيڙپڪار به شامل ٿيا ۽ 24 ادارا نجيڪاري ڪميشن حوالي ڪيا ويا.

هن اعلان ڪيو ته حڪومت ايندڙ ٻن هفتن ۾ پانڊا بانڊز لانچ ڪندي، جڏهن ته هڪ سروي موجب 73 سيڪڙو سيڙپڪار پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ پراميد آهن. وڏي صنعتن جي ڪارڪردگي مثبت رهي آهي ۽ نجي شعبي کي قرضن جي فراهمي 1.1 ٽريلين رپيا تائين پهچي وئي آهي. اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ 18 مهينن دوران 41 سيڪڙو واڌ ۽ 1.35 لک نوان سيڙپڪار شامل ٿيا آهن.

وزير خزانه چيو ته پاڪستان وٽ دنيا جي ٽين وڏي فري لانسر فورس موجود آهي ۽ حڪومت جي ذميواري آهي ته نوجوانن کي پليٽفارم فراهم ڪري. هن خبردار ڪيو ته 2047 تائين 3 ٽريلين ڊالر جي معيشت بڻجڻ لاءِ آبادي تي ضابطو ضروري آهي، ڇو ته ساليانو 2.55 سيڪڙو واڌ ترقي لاءِ نقصانڪار آهي.

هن ٻڌايو ته عالمي ريٽنگ ايجنسين سڌارن تي اعتماد ظاهر ڪيو آهي ۽ آءِ ايف سي 3.5 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري مڪمل ڪئي آهي. ريڪوڊڪ منصوبي تحت 2028 ۾ برآمدات شروع ٿينديون ۽ پهرين سال ۾ 2.8 ارب ڊالر جي برآمدات جو امڪان آهي.

نجڪاري واري صلاحڪار محمد علي چيو ته ماضي جي غلط پاليسين نجي سيڙپڪاري کي نقصان پهچايو، جڏهن ته نجڪاري مارڪيٽ جي خرابي درست ڪرڻ جو طريقو آهي. مصدق ملڪ چيو ته خوشحالي جو سرچشمو تعليم، هُنر ۽ پيداوار آهي، پر اشرافيه کي نوازڻ واري پاليسي معيشت کي ڪمزور ڪيو آهي.

وزير منصوبابندي احسن اقبال چيو ته پاڪستان ايٽمي قوت هجڻ سان گڏ جي ايف-17 جهاز وڪرو ڪري رهيو آهي، ٽريڪٽر سازي، آٽوموبائل ۽ انجنيئرنگ شعبي ۾ به ترقي ٿي آهي، پر عالمي مقابلي لاءِ وڌيڪ محنت جي ضرورت آهي.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

پاڪستان جا ايران ۽ متحده...

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جا ايران ۽ متحده عرب امارات سان سفارتي ۽ معاشي لاڳاپا ڏينهن به ڏينهن وڌيڪ...

رياستي ادارن جي نجڪاري معاشي...

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم پاڪستان شهباز شريف چيو آهي ته خساري ۾ هلندڙ رياستي ادارن جي نجڪاري حڪومت جي...
spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});