پاڪستان جا ايران ۽ متحده عرب امارات سان سفارتي ۽ معاشي لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم

Homeاهم خبرپاڪستان جا ايران...

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جا ايران ۽ متحده عرب امارات سان سفارتي ۽ معاشي لاڳاپا ڏينهن به ڏينهن وڌيڪ مستحڪم ٿي رهيا آهن۔

پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان اسلامي جمهوريه ايران جي پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي جي ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن خطي ۽ عالمي سطح تي جاري اهم اڳڀرائي بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي۔

ايراني پرڏيهي وزير جنيوا ۾ گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل ۾ ايران بابت قرارداد تي پاڪستان جي اصولي موقف، ووٽنگ جي مطالبي ۽ قرارداد جي مخالفت ۾ ووٽ ڏيڻ تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جو شڪريو ادا ڪيو۔ هن وزيراعظم محمد شهباز شريف، حڪومت پاڪستان ۽ عوام لاءِ به پنهنجي گہري قدرداني ۽ تشڪر جو اظهار ڪيو۔

ان کان علاوه نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار دبئي ۾ متحده عرب امارات جي اعليٰ حڪومتي ۽ ڪاروباري اڳواڻ، جاسم محمد بو عطابه الزعابي سان ملاقات ڪئي، جيڪو ابوظبي ڊپارٽمينٽ آف فنانس جو چيئرمين، سپريم ڪائونسل براءِ مالي ۽ اقتصادي امور جو سيڪريٽري جنرل، اتصالات جو چيئرمين ۽ ابوظبي هولڊنگ ڪمپني جو وائس چيئرمين آهي۔

ملاقات ۾ پاڪستان ۽ متحده عرب امارات جي وچ ۾ تاريخي ڀائيچاري لاڳاپن، گڏيل اعتماد ۽ تعاون کي ٻه طرفي ڀائيواري جي مضبوط بنياد قرار ڏنو ويو۔ ان موقعي تي ٻنهي ڌرين پاڪ-يو اي اي واپار ۽ اقتصادي تعاون جو جائزو به ورتو۔

ملاقات ۾ پاڪستان ۾ يو اي اي جي سيڙپڪاري وڌائڻ جا امڪان غور هيٺ آيا ۽ اتصالات  جي پاڪستان ۾ جاري سيڙپڪاري، خاص طور تي پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن ڪمپني لميٽيڊ (پي ٽي سي ايل) ۾ ان جي شيئرز بابت به تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي۔

نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير حڪومت پاڪستان جي عزم کي اجاگر ڪيو ته خانگي شعبي ۽ ڀائيوار ملڪن جي سيڙپڪاري ۾ سهولت فراهم ڪئي ويندي ۽ ٻنهي ڀائيچاري ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ڪيا ويندا۔ هن پي ٽي سي ايل سان لاڳاپيل ديرين مسئلن جي بروقت حل ۽ مستقبل جي ترقي لاءِ ويجهي تعاون جي ضرورت تي زور ڏنو۔

جاسم محمد بو عطابه الزعابي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي واڌ، موجوده مسئلن جي حل ۽ گڏيل مقصدن جي حصول لاءِ مڪمل تعاون ۽ عزم جو اعاده ڪيو۔ ٻنهي ڌرين قيادت جي رهنمائي مطابق زير التوا معاملن جي جلد حل ۽ واپار، سيڙپڪاري ۽ گڏيل منصوبن جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ تي اتفاق ڪيو۔

ملاقات ۾ پاڪستان جي طرفان متحده عرب امارات ۾ سفير شفقت علي خان، ٽريڊ ڪائونسلر علي زيـب، قائم مقام قونصل جنرل فواد علي خان ۽ ٿرڊ سيڪريٽري فراز ارشد موجود هئا، جڏهن ته يو اي اي جي طرفان اتصالات يو اي اي جو سي اي او مسعود محمد شريف موجود هو۔

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

ڪرپشن سبب سرڪاري ادارن ۾...

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ناڻي واري  وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته سرڪاري ادارن ۾ ڪرپشن سبب هر سال...
spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});