اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر چين جي موقف جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪيو آهي، خاص طور تي آبنائي تائيوان ۾ ويجهڙ ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي جي پس منظر ۾.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر اندرابي چيو ته پاڪستان چين کي پنهنجو ويجهو دوست سمجهي سگهي ٿو. هن وڌيڪ وضاحت ڪئي ته پاڪستان چين جي بنيادي قومي مفادن سان لاڳاپيل سڀني معاملن ۾، تائيون سميت پنهنجي مستقل ۽ غير متزلزل حمايت جاري رکندو.
ترجمان واضح ڪيو ته پاڪستان ون چائنا پاليسي تي مڪمل طور تي قائم آهي ۽ تائيوان کي چين جو اڻٽٽ حصو تصور ڪري ٿو. پاڪستان مستقبل ۾ به هن اصول جي پاسداري ڪندو رهندو.

