شاهد خاقان عباسي، شيخ رشيد ۽ شرجيل ميمڻ به ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي ويا

Homeاهم خبرشاهد خاقان عباسي،...

اسلام آباد/ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اڳوڻو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي ويو آهي. رپورٽ موجب مسلم ليگ(ن) جي سينئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي وارثن ان جي ڪورونا وائرس ۾ مبتلا هجڻ جي تصديق ڪئي آهي

.ذريعن موجب شاهد خاقان گذريل ڏينهن ڪورونا جو ٽيسٽ ڪرايو هو جنهن جي رپورٽ پازيٽو آئي آهي جنهن کان پوءِ هن پاڻ کي پنهنجي گهر ۾ ئي قرنطينه ڪري ڇڏيو آهي.واضح رهي ته ملڪ ۾ ڪورونا ڪيسن جي انگ ۾ تيزي سان واڌ ٿي رهي آهي ۽ هينئر تائين قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جا ڪيترائي ميمبر وائرس ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن جڏهن ته ڪجهه ميمبر وائرس وگهي فوت ٿي ويا آهن. هوڏانهن ريلوي واري وزير شيخ رشيد احمد ۾ به ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي.ريلوي واري وزارت موجب شيخ رشيد ڪورونا ٽيسٽ ڪرايو جنهن جو نتيجو پازيٽو آيو آهي پر کيس ظاهري طور تي ڪورونا جي ڪابه نشاني ظاهر ناهي ٿي

.ريلوي واري وزارت ٻڌايو آهي ته شيخ رشيد ڊاڪٽرن جي هدايتن  موجب ٻه هفتا سيلف قرنطينه ۾ رهندو.واضح رهي ته ملڪ ۾ ڪورونا جي ڪيسن ۾ تيزي سان واڌ ٿي رهي آهي ۽ هينئر تائين قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جا ڪيترائي ميمبر وائرس ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن,جڏهن ته ڪجهه موذي وائرس سبب فوت به ٿي چڪا آهن. پيپلز پارٽي جو سنڌ اسيمبلي ميمبر ۽ اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جو ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو اچي ويو آهي.

شرجيل ميمڻ صحافين سان ڳالهيون ڪندي ٻڌايو ته منهنجو ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو آيو آهي. جنهن کان پوءِ مون پاڻ کي گهر تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي.شرجيل ميمڻ ڪورونا بابت حيدرآباد ۾ سنڌ حڪومت جو فوڪل پرسن آهي ۽ شرجيل ميمڻ 2 ڏينهن اڳ تائين سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ به شرڪت ڪئي هئي.واضح رهي ته ان کان اڳ پيپلز پارٽي جو صوبائي وزير غلام مرتضيٰ بلوچ ڪورونا وائرس سبب فوت ٿي ويو جڏهن ته اسيمبلي ميمبر سيد عبدالرشيد ۽ ايم ڪيو ايم جي صوبائي اسيمبلي ميمبر منگلا شرما ۽  رابطه ڪميٽي جو ميمبر فيصل سبزواري به ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن.ياد رهي ته پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو انگ هڪ لک کان به وڌي ويو آهي جڏهن ته 2050 کان وڌيڪ ماڻهو هينئر تائين فوت ٿي چڪا آهن.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

 شيخ رشيد کي عمري تي...

لاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ جي ڊويزن بئنچ اڳوڻي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد کي عمره تي وڃڻ...

عمران خان جي هوندي عثمان...

راولپنڊي: ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته عوام جون دليون کٽڻيون آهن، خساري جي پرواهه ناهي، وڌيڪ...
spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});