اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وينزويلا تي هوائي حملن ۽ صدر نڪولس مادورو کي سندس زال سميت گرفتار ڪرڻ جي تصديق ڪئي آهي. ٽرمپ سوشل ميڊيا پليٽ فارم “ٽرٿ” تي بيان جاري ڪندي چيو ته وينزويلا ۽ ان جي قيادت خلاف آپريشن ڪيو ويو، جنهن دوران صدر ۽ سندس زال کي ملڪ کان ٻاهر منتقل ڪيو ويو. هن وڌيڪ وضاحت ڪئي ته هي آپريشن قانون نافذ ڪندڙ ادارن سان گڏجي ڪيو ويو آهي ۽ ان بابت وڌيڪ تفصيل هو اڄ رات پريس ڪانفرنس ۾ ڏيندو.
ٻئي طرف ڪولمبيا ۽ ڪيوبا آمريڪي حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي ۽ اقوام متحده جي سلامتي ڪائونسل جو هنگامي اجلاس گهرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ڪيوبا جي صدر عالمي برادري کان فوري ردعمل جو مطالبو ڪندي آمريڪي ڪارروائي کي مجرماڻو حملو قرار ڏنو. روس به آمريڪي حملي تي سخت ردعمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته وينزويلا تي حملو عالمي قانونن جي کلي خلاف ورزي آهي.
واضح رهي ته آمريڪا ڪاراڪاس ۽ مختلف رياستن تي فضائي حملا ڪيا، جن ۾ فوجي تنصيبات ۽ وزارت دفاع کي نشانو بڻايو ويو. ڪاراکاس ۾ گهٽ ۾ گهٽ ست زور دار ڌماڪا ٻڌا ويا ۽ شهري آمريڪي فوجي هيليڪاپٽر سي ايڇ 47 چينوڪ کي نچلي فضا ۾ اُڏام ڪندي ڏٺو. حملي کان پوءِ ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي غائب ٿي وئي ۽ آسمان ۾ ڳاڙهو ڌوئوُ اُٿندي ڏٺو ويو، جنهن سان جنگ جا خدشا وڌيڪ وڌي ويا.
صدر مادورو کي فوري طور محفوظ مقام تي منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته صدارتي محل جي چوڌاري بڪتربند گاڏيون گشت ڪري رهيون آهن. مادورو جو چوڻ آهي ته آمريڪا وینیزویلا جي تيل ۽ معدنيات تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو، پر هو ڪامياب نه ٿيندو. عالمي سطح تي هن حملي کان پوءِ خطي ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي ۽ سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ ان بابت بحث ٿيڻ جي اميد آهي.

