وينزويلا ۾ جنگ جا بگل وڄي ويا، صدر پاران مادورو نيشنل ايمرجنسي جو اعلان
ڪاراڪاس(ويب ڊيسڪ) آمريڪا طرفان وينزويلا جي گاديءَ واري شهر ڪاراڪاس ۽ مختلف رياستن تي فضائي حملا ڪيا ويا آهن جن ۾ اهم فوجي تنصيبات ۽ بچاءُ واري وزارت کي نشانو بڻايو ويو آهي. آمريڪي ميڊيا موجب صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي سڌي حڪم تي وينزويلا تي حملا شروع ڪيا ويا، جنهن کان پوءِ ڪاراڪاس ۾ گهٽ ۾ گهٽ ست زور دار ڌماڪا ٻڌا ويا.
شهرين موجب نچلي فضا ۾ آمريڪي فوجي هيليڪاپٽر سي ايڇ 47 چينوک کي اُڏام ڪندي ڏٺو ويو، جنهن سان جنگي خطري بابت خدشا وڌيڪ وڌي ويا. ڌماڪن کان پوءِ ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي غائب ٿي وئي ۽ آسمان ۾ ڳاڙهو ڌونئوُ اُٿندي ڏٺو ويو.
ميڊيا ذريعن جو چوڻ آهي ته آمريڪي حملي ۾ وينزويلا جي بچاءُ واري وزير ولاديمير پيڊرينو لوپيز جي گهر کي نشانو بڻايو ويو، جنهن کان پوءِ بچاءُ واري وزير سان رابطو ممڪن نه رهيو آهي.
صدر نيڪولس مادورو کي فوري طور محفوظ هنڌ تي منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته صدارتي محل جي چوڌاري بڪتربند گاڏيون گشت ڪري رهيون آهن. مادورو جو چوڻ آهي ته آمريڪا وينزويلا جي تيل ۽ معدنيات تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو، پر هو ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندو.
ٻئي پاسي آمريڪي ميرينز جي وينزويلا اندر زميني ڪارروائين بابت به اڻ تصديق ٿيل رپورٽون سامهون اچي رهيون آهن. ان صورتحال ۾ صدر مادورو ملڪ ۾ نيشنل ايمرجنسي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
واضح رهي ته هي واقعو اهڙي وقت ۾ پيش آيو آهي جڏهن آمريڪا ۽ وينزويلا جي وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌي رهي هئي، خاص طور تي آمريڪا طرفان منشيات جي اسمگلنگ خلاف سخت ڪارروائين ۽ وينزويلا تي وڌندڙ دٻاءَ سبب.

