ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ٻيهر شاندار تيزي ڏسڻ ۾ آئي، جنهن سان ڪاروباري انڊيڪس نئين بلند ترين سطح تي پهچي ويو۔
بازار حصص ۾ ڪاروبار جو آغاز 1346 پوائنٽن جي وڏي تيزي سان ٿيو، جنهن سان هنڊريڊ انڊيڪس وڌي هڪ لک 83 هزار 754 پوائنٽن تي پهتو۔ بعد ۾ مندي جو رجحان آيو ۽ انڊيڪس 606 ۽ 853 پوائنٽن جي گهٽتائي سان هڪ لک 81 هزار 555 پوائنٽن تي اچي ويو۔
ڪاروباري ڏينهن جي ٻئي اڌ ۾ 2661 پوائنٽن جي اوچتي تيزي سان انڊيڪس وڌي هڪ لک 85 هزار 69 پوائنٽن جي نئين بلند ترين سطح تي پهچي ويو، جڏهن ته ڪاروبار جي پڄاڻي تي 2653 پوائنٽن جي وڏي تيزي سان انڊيڪس هڪ لک 85 هزار 62 پوائنٽن تي بند ٿيو، جيڪو تاريخي سطح آهي۔
ياد رهي ته گذريل ڏينهن به اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ شاندار تيزي ڏسڻ ۾ آئي هئي، جڏهن انڊيڪس 4210 پوائنٽن جي تاريخي واڌ سان هڪ لک 83 هزار جي نفسياتي حد عبور ڪئي هئي، پر بعد ۾ انڊيڪس گهٽجي هڪ لک 82 هزار 408 پوائنٽن تي بند ٿيو۔

