سنڌ حڪومت جو اعلان: ڪچي جي علائقن ۾ وڏو آپريشن شروع

Homeاهم خبرسنڌ حڪومت جو...

سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ حڪومت ڪچي جي علائقن ۾ بدنام زمانه ڏوهارين ۽ ڌاڙيلن خلاف گرينڊ آپريشن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. صوبائي گهرو وزير ضياالحسن لنجار چيو آهي ته آپريشن شروع ٿي چڪو آهي ۽ ڌاڙيلن جو مڪمل صفايو ڪيو ويندو، البت جيڪي هٿيار اڇلائي سرڪار آڏو سرينڊر ڪندا، انهن کي هڪ موقعو ضرور ڏنو ويندو.

گهرو وزير سکر پهتو، جتي ڊي آءِ جي آفيس ۾ پوليس جي خاص دستي سلامي پيش ڪئي. هن امن و امان بابت جائزه اجلاس جي صدارت ڪئي، جنهن ۾ آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو پوليس جي ڪاررواين ۽ ڪامياب هدفن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني.

آءِ جي سنڌ ٻڌايو ته ڪچي ۽ پڪي علائقن ۾ پوليس جا دستا مڪمل طور تي متحرڪ آهن، ڌاڙيل جا ٺڪاڻا مسمار ڪيا پيا وڃن ۽ سندن سهولتڪارن تي به سخت نڪيل وڌي وئي آهي. جديد ٽيڪنالاجي ۽ انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز ذريعي ڏوهارين جو پيڇو جاري آهي، جڏهن ته ڪچي ۾ پوليس جي مستقل موجودگي سان ڏوهن جو خاتمو ممڪن بڻجي رهي آهي.

ضياالحسن لنجار چيو ته پوليس جي ڪارڪردگي تسلي بخش ۽ قابلِ تحسين آهي. ڪچي ۽ پڪي جي علائقن ۾ ڏوهن جي خاتمي لاءِ مربوط حڪمت عملي اختيار ڪئي ويندي، ڌاڙيلن ۽ سندن سهولتڪارن خلاف ڪارروايون وڌيڪ مؤثر بڻايون وينديون. هن واضح ڪيو ته رياستي رٽ کي چيلينج ڪندڙن سان سختي سان منهن ڏنو ويندو، عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ ۾ ڪا به ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي.

اجلاس کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي گهرو وزير چيو ته ڪچي جي ڌاڙيلن خلاف گرينڊ آپريشن اڄ کان ئي شروع ٿي ويو آهي. جيڪي ڌاڙيل سرڪار آڏو هٿيار اڇلائيندا، انهن کي هڪ موقعو ڏنو ويندو، پر جيڪي مزاحمت ڪندا ۽ پاڻ کي طاقتور سمجهندا، انهن خلاف سخت ڪارروايون ٿينديون ۽ کين نيست و نابود ڪيو ويندو.

فوج جي ضرورت بابت سوال تي ضياالحسن لنجار چيو ته هن وقت فوج جي ضرورت ناهي، سنڌ پوليس وٽ ڌاڙيلن سان منهن ڏيڻ جي مڪمل صلاحيت موجود آهي، جڏهن ته رينجرز اڳ ئي ساڻس گڏ آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته ڌاڙيلن جو مڪمل صفايو ٿي ويندو.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

گهوٽڪي ۾ امن و امان...

گهوٽڪي (رپورٽ: نديم علي دايو): آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو ميرپور ماٿيلو ۽ ڪچي جي علائقن جو جائزو...
spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});