راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ملڪ کي پيش ايندڙ ڪنهن به خطري سان منهن ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته قومي سلامتي تي زيرو ٽالرنس جي پاليسي جاري رهندي.
آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، نشانِ امتياز (ملٽري)، هلالِ جرات، چيـف آف آرمي اسٽاف ۽ چيـف آف ڊيفنس فورسز، لاهور گيريزن جو دورو ڪيو، جتي کين فارميشن جي آپريشنل تياري، تربيت جي معيار ۽ جنگي صلاحيت وڌائڻ بابت اهم قدمن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.
دوري دوران چيـف آف آرمي اسٽاف ۽ چيـف آف ڊيفنس فورسز خاص فيلڊ مارشل ٽريننگ مشق جو مشاهدو ڪيو، جنهن ۾ جديد ترين ٽيڪنالاجيز جي استعمال جو عملي مظاهرو ڪيو ويو. هي مشق مستقبل جي جنگي ماحول سان هم آهنگي، جدت ۽ لچڪ تي پاڪ فوج جي ڀرپور ۽ مؤثر توجه کي اجاگر ڪري ٿي. ان موقعي تي هن فوجي جوانن لاءِ ڏنل راندين ۽ تفريحي سهولتن جو به جائزو ورتو ۽ جسماني فٽنيس، حوصلي ۽ مجموعي فلاح و بهبود جي قدمن جي اهميت تي زور ڏنو.
ان کان علاوه فيلڊ مارشل عاصم منير سي ايم ايچ لاهور جي هاءِ ڪيئر سينٽر جو به دورو ڪيو، جتي هن مڪمل طور تي جديد سهولتن سان آراسته طبي مرڪز جي قيام تي عملي ۽ انتظاميه جي ڪوششن کي ساراهيو.
دوري دوران آفيسرن کي خطاب ڪندي چيـف آف آرمي اسٽاف ۽ چيـف آف ڊيفنس فورسز قومي سلامتي کي پيش ايندڙ ڪنهن به خطري خلاف پاڪ فوج جي زيـرو ٽالرنس پاليسي تي زور ڏنو ۽ گهڻ رخي چيلينجز کي ڀرپور عزم، پيشيوراڻي مهارت ۽ هڪجهڙائي سان منهن ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.
هن پاڪ فوج جي بنيادي مشن کي ورجائيندي چيو ته هٿياربند افواج ملڪ جي خودمختياري، علاقائي سالميت ۽ اندرين استحڪام جي تحفظ لاءِ پرعزم آهن، جتي بهترين ڪارڪردگي، نظم و ضبط ۽ بي لوث قومي خدمت جي روايت کي فروغ ڏنو پيو وڃي.
ان کان اڳ ڪور ڪمانڊر لاهور چيـف آف آرمي اسٽاف ۽ چيـف آف ڊيفنس فورسز جو لاهور گيريزن اچڻ تي استقبال ڪيو.


