اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ ڊجيٽل ادائيگين جي جدت لاءِ اهم مفاهمتي يادداشت تي دستخط ڪيا ويا، جنهن ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير به موجود هئا.
وزيراعظم آفيس جي بيان مطابق، آمريڪي وفد ورلڊ لبرٽي فنانشل جي سي اي او زچري وِٽڪوف جي قيادت ۾ اسلام آباد ۾ وزيراعظم سان ملاقات ڪئي۔ اجلاس ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، وزير خزانه محمد اورنگزيب، معاون خصوصي سيد طارق فاطمي ۽ چيئرمين پاڪستان ورچوئل ايسٽس ريگوليٽري اٿارٽي بلال بن ثاقب پڻ شريڪ ٿيا.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڊجيٽل پاڪستان جو مقصد شهرين لاءِ آسان رسائي، رابطن ۾ جدت ۽ شفافيت کي فروغ ڏيڻ آهي۔ هن زور ڏنو ته ڊجيٽل ادائيگين ۾ واڌ ۽ مالي جدت پاڪستان جي تيزي سان وڌندڙ ڊجيٽل معيشت جو اهم حصو آهي۔
زچري وِٽڪوف پاڪستان جي پاليسي فريم ورڪ جي تعريف ڪندي چيو ته ملڪ عالمي ڊجيٽل معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ نيڪسٽ جنريشن ادائيگين سان گڏ سرحد پار مالي جدتن ۾ تعاون وڌائڻ چاهي ٿو.
بعد ۾ وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، حڪومت پاڪستان ۽ SC فنانشل ٽيڪنالاجيز LLC جي وچ ۾ يادداشت تي صحي جو مشاهدو ڪيو، جنهن جو مقصد سرحد پار ادائيگين لاءِ نون ڊجيٽل آرڪيٽيڪچرز تي فني تعاون ۽ ڄاڻ جي ڏي وٺ کي هٿي ڏيڻ آهي.

