اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف وفاقي گاديءَ جي شهر جي رهواسين کي آسان، شفاف ۽ تيز ترين سهولتن جي فراهمي لاءِ پاڪستان آسان خدمت مرڪز جو افتتاح ڪري ڇڏيو۔
افتتاحي تقريب ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته هن مرڪز مان عوام کي بيشمار سهولتون ۽ مختلف کاتن سان لاڳاپيل خدمتون هڪ ئي جڳهه تي ملنديون۔ هن وڌيڪ ٻڌايو ته جديد ٽيڪنالاجي آذربائيجان طرفان پاڪستان لاءِ تحفي طور ڏني وئي آهي، ۽ آذربائيجان جي صدر الہام عليوف جي غيرمعمولي تعاون تي هو شڪرگذار آهن۔ اهڙي قسم جا مرڪز آزاد جمون و ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ به قائم ڪيا ويندا۔
هن موقعي تي وفاقي وزير انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن شزه فاطمه خواجه، وفاقي وزير اقتصادي امور احد خان چيما، وفاقي وزير اطلاعات و نشريات عطا الله تارڙ، وفاقي وزير واپار جام ڪمال خان، اسلام آباد جو چيف ڪمشنر ۽ چيئرمين سي ڊي اي محمد علي رندهاوا، آءِ جي اسلام آباد علي ناصر رضوي ۽ ٻيا اعليٰ عملدار موجود هئا۔
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته آذربائيجان جي دوري دوران باڪو ۾ خدمت مرڪز جو دورو ڪيو هو ۽ ان وقت فيصلو ڪيو ويو ته اهڙي طرز جا ادارا اسلام آباد ۽ ٻين شهرن ۾ به قائم ڪيا ويندا۔ هن چيو ته ماسٽر ٽرينرز آذربائيجان مان تربيت حاصل ڪري آيا آهن ۽ اهي عوامي خدمت ۾ اخلاقيات ۽ احترام سان پنهنجون ذميواريون نڀائيندا۔
مرڪز ۾ موجود سهولتون:
نادرا جون خدمتون
ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن
سي ڊي اي جون سهولتون
سوئي گيس سان لاڳاپيل سهولتون
۽ ٻين کاتن جون خدمتون
وزيراعظم چيو ته اهڙا مرڪز آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ ٻين شهرن ۾ به کوليا ويندا، ڇوتہ عوام جي خدمت لاءِ هميشه تيار رهڻ ضروري آهي۔
وفاقي وزير انفارميشن ٽيڪنالاجي شزه فاطمه خواجه چيو ته پاڪستان آسان خدمت مرڪز عوامي خدمتن جي نظام ۾ هڪ انقلابي قدم آهي، جتي هڪ ئي ڇت هيٺ مختلف سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي وئي آهي۔ هن وڌيڪ چيو ته اهڙي مرڪز جو قيام ٽيم ورڪ جو نتيجو آهي ۽ ان سان شهري ۽ حڪومت جو تعلق وڌيڪ مضبوط ٿيندو۔
تقريب کان اڳ وزيراعظم کي مرڪز ۾ موجود سهولتن بابت بريفنگ ڏني وئي، جنهن کان پوءِ هن مرڪز جا مختلف حصا ڏٺا ۽ خدمتن جو جائزو وٺي انهن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ هدايتون جاري ڪيون۔

