اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ محمود خان اچڪزئي چيو آهي ته پاڪستان اسان جو ملڪ آهي ۽ آبادي جي حساب سان اسان کي پنهنجو حصو ملڻ گهرجي، حڪمراني ۾ به اسان جو حق آهي.
قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته جڏهن اوهان افغانستان کي پنجون صوبو چوندا ته تعلقات صحيح نه ٿي سگهن. هن ياد ڏياريو ته ماضي ۾ چيو ويو هو ته بنگالي فوج لاءِ موزون نه آهن.
محمود خان اچڪزئي چيو ته هو هن ملڪ جو باسي آهي ۽ جمہوريت جي مخالفن خلاف آواز بلند ڪندو رهندو. هن الزام لڳايو ته جمهوريت جي حمايت ڪرڻ تي پشتونن کي سزائون ڏنيون ويون ۽ انهن جي معاشي خودڪشي ڪرائي وئي.
هن چيو ته نواز شريف چيو هو ته افغانن کي شهريت ڏيڻ ۾ ڪا برائي ناهي. اچڪزئي سوال ڪيو ته ڇا هي پارليامينٽ مارشل لا کي جائز قرار ڏيڻ لاءِ آهي؟
محمود خان اچڪزئي چيو ته آئين جي دائري ۾ رهندڙ فوج کي سلام پيش ڪريون ٿا، ڇو ته ملڪ ۾ ادارن جو احترام ۽ آئيني حدن ۾ رهندي ڪم ڪرڻ ئي جمهوريت جي بنياد آهي.

