اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي سربراهه محمود خان اچڪزئي کي قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر مقرر ڪيو ويو، جنهن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. اسپيڪر سردار اياز صادق اجلاس جي شروعات ۾ اعلان ڪندي چيو ته اڄ سوال جواب جو سيشن نه ٿيندو. بعد ۾ اسپيڪر عامر ڊوگر کي پنهنجي چيمبر ۾ سڏي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ۽ محمود خان اچڪزئي کي باضابطه طور اپوزيشن ليڊر مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو.
اجلاس دوران وزير قانون اعظم نذير تارڙ طرفان ڪيترائي بل پيش ڪيا ويا جن ۾ پاڪستان نرسنگ ڪائونسل آرڊيننس، ايڪسپورٽ ڊولپمينٽ فنڊ ترميمي بل 2026، درآمدات و برآمدات ايڪٽ ترميمي بل، ٽيلي ڪميونيڪيشن تنظيم نو بل ۽ لائف انشورنس نيشنلائيزيشن بل شامل هئا.
بعد ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر جي اڳواڻي ۾ وفد اسپيڪر آفيس پهتو ۽ نوٽيفڪيشن حاصل ڪيو. بيرسٽر گوهر چيو ته اپوزيشن ليڊر جي سيٽ 7 آگسٽ کان خالي هئي ۽ اهو اسان جو حق هو. هن محمود خان اچڪزئي کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته سڀني ميمبرن سندس فارم تي صحيحون ڪيون.
قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پرنٽنگ ڪارپوريشن کي هدايت ڪئي آهي ته گزٽ نوٽيفڪيشن جاري ڪري صدر، وزيراعظم سيڪريٽريٽ، ڪابينا ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن ڏانهن موڪليو وڃي.

