اسلام آباد (بيورو) پاڪستان پيپلز پارٽي پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جي بيانن خلاف قومي اسيمبلي مان واڪ آئوٽ ڪري ڇڏيو.
اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جو اجلاس ٿيو، جنهن دوران پيپلز پارٽي جي اڳواڻ نويد قمر چيو ته “اسان ايون مان بطور احتجاج واڪ آئوٽ ڪري رهيا آهيون، ميدان تي حالتون ساڳيون آهن، ڪا به تبديلي ناهي آئي، جيستائين حالتون تبديل نه ٿين، اسان ايون جو حصو نٿا بڻجي سگهون.”
بعد ۾ حڪومتي ميمبرن پيپلز پارٽي جي اڳواڻن کي منائي قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ واپس آندو.
ان معاملي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو ته “مذاکرات ئي مسئلن جو واحد حل آهن، سڀ معاملا افهام و تفهيم سان حل ٿي سگهن ٿا، هڪ ٻئي تي الزام تراشي ڪنهن جي به فائدي ۾ ناهي.”
اسحاق ڊار جي تقرير کان پوءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس شام 5 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.
ان کان اڳ صحافين طرفان به اسلام آباد پريس ڪلب ۾ پوليس جي تشدد ۽ توڙ ڦوڙ جي سخت مذمت ڪئي وئي ۽ پريس گيلري مان واڪ آئوٽ ڪيو ويو.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن اسلام آباد جي نيشنل پريس ڪلب ۾ پوليس اندر گهڙي صحافين تي تشدد ڪيو ۽ املاڪ کي نقصان پهچايو، جنهن تي ملڪ جي صحافتي تنظيمن سخت تحفظات جو اظهار ڪندي شفاف جاچ جو مطالبو ڪيو.

