مري (ويب ڊيسڪ) وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز شريف چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي حڪومت گذريل 4 سالن دوران مري جي جھنگ مان ڪاٺيون وڍي ان خوبصورت علائقي کي ريت جو شهر ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.
ساملي سينٽوريم اسپتال مري ۾ نواز شريف ڪارڊيڪ سينٽر جي افتتاحي تقريب دوران خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت صرف اعلان نه پر عملي ڪم ڪري رهي آهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي دور ۾ مري ۾ غير قانوني تعميرون به ڪيون ويون، جن خلاف ڪارروائي ڪرڻي پئي.
هن چيو ته سياست مشڪل سفر ۽ خدمت جو نالو آهي، 1930 کانپوءِ پهريون ڀيرو ساملي اسپتال جي اپ گريڊيشن ڪئي وئي آهي. مريم نواز چيو ته “لاهور کان پوءِ مري اسان جو ٻيو گهر آهي، مان بچپن کان هتي ايندي رهي آهيان، مري سان منهنجو رشتو لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي.”
وزيراعليٰ پنجاب چيو ته مري ۽ ان جي آس پاس جي علائقن ۾ دل جي علاج لاءِ ڪا به سهولت موجود نه هئي، جڏهن دل جي تڪليف ٿئي ته مريض وٽ وقت تمام گهٽ هوندو آهي. “اڄ پنجن ماڻهن جي انجيوگرافي به ڪئي وئي آهي.”
هن وڌيڪ چيو ته “مري کان راولپنڊي پهچندي پهچندي مريض دم ڏئي ڇڏيندو آهي، ان ڪري مون سوچيو ته هتي دل جو اسپتال هجڻ گهرجي، ۽ چند مهينن اندر ڪارڊيڪ سينٽر ڪم شروع ڪري ڇڏيو.”
مريم نواز اعلان ڪيو ته جلد مري کان پنڊي تائين ٽرين هلائي ويندي، جنهن سان سياحن کي پنهنجي گاڏين تي اچڻ جي ضرورت نه پوندي. ان سان گڏ گرين بسون به مري تائين پهچنديون. مري ۾ روڊن جو ڍانچو بهتر ڪيو ويو آهي ۽ صاف پاڻي جو منصوبو به آندو پيو وڃي.
آخر ۾ وزيراعليٰ چيو ته ايندڙ ٻن سالن ۾ مري دنيا جو بهترين سياحتي مقام بڻجي ويندو. “جڏهن خيبر پختونخوا مان مري ۾ داخل ٿيندا آهيو ته فرق صاف نظر اچي ٿو.”

