لاهور – پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو آهي ته پي ٽي آءِ جو روئڻ ڪم نه ايندو، ڇوته مخالفن کي جيلن ۾ وجهڻ جي روايت پاڻ پي ٽي آءِ ئي قائم ڪئي هئي.
لاهور ۾ تقريب دوران نون چونڊيل اسيمبلي کي خطاب ڪندي هن چيو ته پي ٽي آءِ پنجاب جي تازي ننڍي چونڊ ۾ وڏي منافقت ڪئي. جيڪڏهن ھارائي ويا ته چون ٿا بائيڪاٽ ڪيو، ۽ جيڪڏهن کٽن ته چون ٿا بائيڪاٽ جي باوجود کٽيو.
مريم نواز چيو ته جيڪي اسان کي موروثي سياست جو طعنو ڏين ٿا، انهن جا پنهنجا مائٽ چونڊ ۾ بيٺل هئا. عوام هاڻي پي ٽي آءِ جي بيانيي سان بيوقوف نٿي بڻجي، تنهنڪري ماڻهو هاڻي انهن جي جلسن ۾ به نه ٿا اچن.
هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ جا چار سال تاريخ جا بدترين سال هئا، جن ۾ سياست کي داغدار ڪيو ويو، ذاتي دشمني ۾ تبديل ڪيو ويو ۽ مخالفن کي جيلن ۾ وڌو ويو. جيڪڏهن اڄ اوهان ان جو روئڻ روئو ٿا ته ڪو به نه ٻڌندو، ڇوته اها روايت اوهان پاڻ قائم ڪئي هئي.
پنجاب جي وزيراعليٰ چيو ته بدتميزي، گارگند، عورتن کي گھٽ وڌ چوڻ ۽ ھوٽنگ پي ٽي آءِ جو وتيرو رهيو، پر هن اليڪشن ۾ انهن جي سياست ختم ٿي وئي.
مريم نواز آخر ۾ چيو ته نواز شريف جي سياست ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ پاڻ ختم ٿي ويا، سازش ڪندڙ تاريخ جي ڪتاب ۾ بند ٿي ويا. اسان بدتميزي ۽ گار ڏيڻ نه سکيو آهي، اسان عوام جي خدمت سکي آهي.

