اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) کي ڳالهين جي دعوت ڏني آهي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ سنجيده ڊائلاگ لاءِ تيار آهي ته حڪومت به ڳالهين لاءِ تيار آهي، پر غير قانوني مطالبن ۽ بليڪ ميلنگ سان ڳالهه نه ٿي سگهي.
وزيراعظم وضاحت ڪئي ته صرف جائز معاملن جي روشني ۾ ئي ڳالهين جو عمل اڳتي وڌي سگهي ٿو. هن چيو ته اڄڪلهه پي ٽي آءِ ۽ انهن جا ساٿي ڊائلاگ جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، جيڪڏهن اهي واقعي سنجيده آهن ته حڪومت کين ٻڌڻ لاءِ تيار آهي.
شهباز شريف وڌيڪ چيو ته هو قومي اسيمبلي ۾ بار بار اهو موقف پيش ڪري چڪو آهي ته ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ سڀني سياسي جماعتن ۾ هڪجهڙائي لازمي آهي.

