اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري الزام هنيو آهي ته پي ٽي آءِ ۽ اسٽيبلشمينٽ جي مداخلت سبب آزاد ڪشمير جي گذريل اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي جي فتح کي رات وچ ۾ شڪست ۾ تبديل ڪيو ويو، پر هاڻ پارٽي حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ آهي.
آزاد ڪشمير جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول چيو ته پيپلز پارٽي جي بنياد ئي ڪشمير ڪاز تي رکيل آهي، ۽ پارٽي هميشه ڪشمير جو ڪيس هر فورم تي پيش ڪيو آهي.
هن چيو ته گذريل اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي ڀرپور حصو ورتو، ان وقت باني پي ٽي آءِ جي حڪومت هئي ۽ اسٽيبلشمينٽ جو ڪردار سڀني جي سامهون هو. انهن سخت حالتن جي باوجود پي پي جي اميدوارن مقابلو ڪيو، پر نتيجن کي راتو رات بدلائي فتح کي شڪست ۾ تبديل ڪيو ويو.
بلاول چيو ته غير سياسي سوچ ۽ سازشن سبب ڪشمير ۾ سياسي خلا پيدا ٿيو، جنهن سان عوام کي نقصان پهتو، پر پيپلز پارٽي پوئتي نه هٽي ۽ مسلسل اسمبلي ۾ نمائندگي ڪندي رهي. هاڻ پارٽي آزاد ڪشمير ۾ حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ اچي چڪي آهي.
هن واعدو ڪيو ته پيپلز پارٽي ڪشمير جي عوام جي اميدن تي پورو لهندي، ۽ اسمبلي جو بچيل وقت پارٽي لاءِ امتحان هوندو. بلاول چيو ته وزيراعظم کان وٺي هر ڪارڪن تائين عوام جي مطالبن جو تحفظ يقيني بڻايو ويندو، ۽ هو ڪشمير سميت هر جاءِ تي عوام جي نمائندگي ڪندو.
هڪ سوال جي جواب ۾ بلاول واضح ڪيو ته آزاد ڪشمير جي وزيراعظم جو اعلان اسلام آباد مان نه، پر ڪشمير مان ئي ڪيو ويندو.

