لاڙڪاڻو (بيورو) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جيڪڏهن پيپلزپارٽي پنهنجي قائد جي گرفتاري تي ادارن تي حملو ڪري ها ته اسان جو حشر ڪجهه ٻيو هجي ها، پر پي ٽي آءِ سان ته ڪجهه به نه ٿيو.
لاڙڪاڻي جي چلڊرن اسپتال ۾ آءِ سي يو جو افتتاح ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ملڪ ۾ سياسي استحڪام ۽ جمهوريت جي بقا لاءِ حڪومت ۽ اپوزيشن ٻنهي کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن انتهاپسندي جي سياست ڪئي ويندي ته ان جو جواب سختي سان ايندو ۽ پوءِ شڪايت نه ٿيڻ گهرجي. هن انگريزي محاورو به ڏنو: “جيڪڏهن باورچي خاني جي گرمي برداشت نٿا ڪري سگهو ته ٻاهر نڪري وڃو.”
بلاول چيو ته جيڪڏهن ڪنهن ليڊر تي ننڍڙو نيب ڪيس ٺهي ۽ ان جي گرفتاري تي قومي ادارن تي حملو ڪيو وڃي ته پوءِ قانوني ڪارروائي لازمي ٿيندي. هن سوال ڪيو ته جيڪڏهن پيپلز پارٽي اهڙو قدم کڻي ها ته اسان جو ڇا حشر ٿئي ها؟ پر پي ٽي آءِ سان ته ڪجهه به نه ٿيو.
هن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي جو تجربو ۽ تاريخ ٻڌائي ٿي ته پي ٽي آءِ کي انتهاپسندي ڇڏي سياست کي سياست جي دائري ۾ واپس آڻڻ گهرجي، جيڪو انهن جي جماعت، قائد ۽ ڪارڪنن لاءِ بهتر ٿيندو ۽ ملڪ جي سياست تي به مثبت اثر پوندو.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مفاهمتي سياست پيپلز پارٽي جو فلسفو آهي ۽ صدر آصف زرداري ان تي سڀ کان وڌيڪ عمل ڪيو آهي، اڄ به مفاهمت لاءِ زرداري کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن خبردار ڪيو ته سرحدن تي حالتون خراب آهن ۽ ملڪ ۾ دهشتگردي آهي، اهڙي وقت ۾ جيڪڏهن پي ٽي آءِ انتهاپسند تنظيم جيان ڪم ڪندي ته رياست جو رويو به ساڳيو هوندو.
هن چيو ته وزيراعظم جو شڪرگذار آهيان جو ورسي تي وفد موڪليو، پر ڪا سياسي ڳالهه نه ٿي. سياسي جماعتن کي عوام جي مفاد ۾ سياسي حل ڳولڻ گهرجن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته چونڊون وقت تي ٿينديون، شفاف چونڊن لاءِ سڀني جماعتن کي گڏجي چونڊ سڌارن تي ڪم ڪرڻو پوندو.
صحت جي حوالي سان هن چيو ته سنڌ ۾ عالمي معيار جون سهولتون مهيا ڪيون ويون آهن، لاڙڪاڻي ۾ آءِ سي يو جهڙي مهانگي سهولت شروع ڪئي وئي آهي. چائلڊ لائيف فائونڊيشن سان گڏجي ٻارن جي صحت لاءِ قدم کنيا ويا آهن، جنهن سان سنڌ ۾ ٻارن جي موت جي شرح گهٽجي وئي آهي.
معاشي بحران بابت بلاول چيو ته عام ماڻهو پگهار تي گذارو نٿو ڪري سگهي، پيپلز پارٽي عوام جو معاشي بار گهٽائڻ لاءِ پاليسيون آڻڻ چاهي ٿي. شهيد بينظير ڀٽو جي منشور تي عمل جاري آهي. هن چيو ته حڪومت ترقي جا دعويٰ ڪري ٿي پر عام ماڻهو تعليم ۽ علاج جا خرچ برداشت نٿو ڪري سگهي.
بلاول ڀٽو زرداري ٻڌايو ته سنڌ حڪومت جو نجڪاري بابت پنهنجو فلسفو آهي، جيڪو پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ آهي. سنڌ ايگرو ڪول مائننگ ڪمپني ۽ چائلڊ لائيف فائونڊيشن جهڙا منصوبا ان جو حصو آهن. هڪانومسٽ ميگزين سنڌ حڪومت جي پارٽنرشپ کي عالمي سطح تي ڇهين نمبر تي رکيو آهي.

