سڀاڻي58 ورهين جي جدوجهد جو جشن: پيپلز پارٽي جي جلسي کي بلاول ڀٽو زرداري خطاب ڪندي

Homeاهم خبرسڀاڻي58 ورهين جي...

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته سڀاڻي پاڪستان پيپلز پارٽي جي بنياد واري ڏينھن کي 58 سال مڪمل ٿي رھيا آھن، اُن موقعي تي پاڪستان پيپلز پارٽي ڀرفان پوري ملڪ ۾ تقريبون منعقد ڪيون پيون وڃن، يوم تاسيس جي موقعي تي سڄي پاڪستان ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن پاران تقريبون منعقد ڪيون وينديون ۽ ڪيڪ ڪاٽيا ويندا، مرڪزي تقريب کي پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خطاب ڪندو، سڄي ملڪ ۾ مختلف ھنڌن تي ڊجيٽل اسڪرينون لڳايون وينديون ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو خطاب سڌي ريت نشر ڪيو ويندو ته جيئن عوام پارٽي جي 58 ورھين جي جدوجھد ۽ خدمتن بابت سڌي ريت ڏسي سگھن.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ھن چيو تھ پاڪستان پيپلز پارٽي ملڪ جي لاءِ جيڪي قربانيون، ڪارناما ۽ خدمتون سرانجام ڏنيون آھن، اُنھن جو مثال سڄي دُنيا ۾ نھ ٿو ملي، پوري دُنيا مڃي ٿي تھ پاڪستان جي ايٽمي طاقت جي بنياد قائد عوام شھيد ذوالفقار علي ڀٽو وڌو، جنھن پنھنجي جان جي پروراھھ ڪرڻ کان سواءِ ملڪ کي ايٽمي قوت بڻايو، ملڪ کي پھريون گڏيل آئين ڏنو، قومي شناختي ڪارڊ جاري ڪرڻ جو سلسلو سڄي ملڪ ۾ تعليمي ادارن جو قيام سندس دور ۾ عمل ۾ آيو.

ھن چيو ته شھيد محٽرمه بينظير ڀٽو پاڪستان کي ميزائل ٽيڪنالوجي ڏني ۽ عورتن جي سگھاري آواز بڻي، جڏھن ته صدر آصف علي زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري بھ ملڪ لاءِ نمايان خدمتون سرانجام ڏنيون. سندس چوڻ ھو ته بلاول ڀٽو زرداري پرڏيھي وزير جي حيثيت ۾ ڀارت ۾ ڪشمير جو ڪيس جرئت سان پيش ڪيو، توڙي جو سندس سر جي قيمت مقرر ڪئي وئي پر تنھن ھوندي بھ ھُو پوئتي نھ ھٽيو.

ھن چيو تھ پيپلز پارٽي سدائين جمھوريت جي لاءِ قربانيون ڏنيون، قيد ۽ بند جون صعوبتون ڀوڳيو ۽ پنھنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا، پيپلز پارٽي ڪڏھن بھ پنھنجو موقف تبديل نھ ڪيو، دھشتگردي جو مقابلو ڪيو، ڦاھي جي ڦندي کي قبول ڪيو. سندس چوڻ ھو تھ 58 سالن ۾ سازشون ٿيون، ميڊيا ٽرائل بھ ڪيا ويا، پر پيپلز پارٽي جي جدوجھد سدائين ملڪ ۽ عوام لاءِ رھي.

ھن وڌيڪ چيو تھ دُنيا ۾ ڪا بھ سياسي پارٽي 21 لک گھر تعمير نھ پئي ڪري، پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ سرڪار ٻوڏ متاثرن جي لاءِ 21 لک گھر تيار ڪري رھي آھي ۽ عورتن کي مالڪاڻا حق ڏئي رھي آھي، سندس چوڻ ھو تھ ٿرڪول سان ملڪ ۾ سڀني کان سستي بجلي فراھم ڪئي پئي وڃي، ماھر بھ ان ڳالھھ کي مڃين ٿا تھ پاڪستان ۾ سڀني کان سستي بجلي ڪوئلي مان ئي پيد اٿي سگھي ٿي.

شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ غير ملڪي ھارين کي پھچايو پيو وڃي، پر پاڪستاني ھارين کي مشڪلاتن ۾ ڌڪيو ويو، جنھن تي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڀرپور آواز اُٿاريو.

ھڪ سوال جي جواب ۾ ھن چيو تھ پاڪستان ڀارت جا جھاز عبرتناڪ انداز ۾ ڪيرايا، ڀارتي پائليٽ کي چانھھ پيئاري واپس موڪليو، ھن چيو تھ ڀارت پاڻ کي سُپر پاور سڏرائيندو آھي، پر پاڪستان کيس فيصلائتو جواب ڏنو،  جنھن کان پوءِ ڀارت سڄي دُنيا ۾ خوار ٿيو.  ھن چيو تھ پاڪستان دھشتگردي خلاف جنگيون بھ وڙھي رھيو آھي ۽ ڪيترن ئي للڪارن کي منھن ڏئي رھيو آھي، پر اسان جي فورسز سدائين ڀارت کي شڪست ڏني آھي.

ھڪ سوال جي جواب ۾ ھن چيو تھ عظميٰ بخاري کي گذارش ڪندس تھ جنھن طريقي سان اوھان اقتدار ۾ آيا آھيو اھو اوھان کي قبول پوي، چيئرمين بلاول ڀٽو ان انداز سان ڪڏھن بھ اقتدار ۾ نھ ايندو. چيئرمين بلاول ڀٽو عوام جي حمايت ۽ عوام جي مينڊيٽ سان وزير اعظم ٿيندو، اوھان وانگر اقتدار ۾ نھ ايندو.

ھڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ ھن چيو تھ گورنر جي تبديلي وفاقي حڪومت جو اختيار آھي، اُن لاءِ اھو چوڻ مشڪل آھي تھ ڪنھن جي شيرواني تيار ٿي رھي آھي.

ھڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ ھن چيو تھ پي ٽي آءِ جي باني کي جيل ۾ سموريون سھولتون ميسر آھن، مٿس ڪوبھ تشدد نھ پيو ٿئي، پر ھُو جيل ۾ بھ ملڪ خلاف سازشون ڪري رھيو آھي ۽ بيرون ملڪ دشمن قوتن کان مدد گھري رھيو آھي. شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ پاڪستان پنھنجا ڪيترائي ھيروز شھيد ڪرايا آھن، جن ۾ قائد عوام شھيد ذوالفقار علي ڀٽو بھ شامل ھو، جيڪو قوم جو قيمتي اثاثو ھو، پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن کي مشورو ڏيندس تھ عدالتن ۾ قانون جنگگ وڙھن ۽ ملڪي ادارن کي تڪراري نھ بڻائن.

ڪراچي جي حوالي سان سوال جو جواب ڏيندي ھن چيو تھ ملڪ ۾ ھڪ وقت اھڙو بھ ھو جڏھن ڪراچي دُبئي کان گھڻو اڳتي ھو، پر پوءِ شھ رکي رٿابندي سان الطاف حسين نالي شخص جي حوالي ڪيو ويو، جنھن سان ھتي ھيروئن ڪلچر، ڀتا ڪلچر ۽ ٻوري بند لاشن جو دور آيو، ھاڻي ڪراچي ۾ سموريون سھولتون ميسر آھن، شھر مان ڪچرو کنيو پيو وڃي ۽ پاڻي جي رٿائن تي ڪم جاري آھي.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

پاسداران انقلاب پاران ايف...

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

ادارن تي حملو پيپلز پارٽي...

لاڙڪاڻو (بيورو) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جيڪڏهن پيپلزپارٽي پنهنجي قائد جي گرفتاري تي...

سياسي ڇڪتاڻ وڌي وئي: پيپلز...

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سياسي گرما گرمي وڌي وئي آهي جتي پيپلز پارٽي سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي...

پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ...

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ڀروسي جوڳن ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن...

پيپلز پارٽي ٻوڏ متاثرن جي...

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته بلاول به وزيراعظم کي بي آءِ...
spot_img

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...

ايران جي فوجي قيادت ٽرمپ جي ڳالهين جي دعوائن کي سختي سان رد ڪري ڇڏيو، سخت پيغام

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي فوجي قيادت آمريڪي صدر ٽرمپ جي ڳالهين بابت دعوائن کي سختي سان رد ڪري ڇڏيو آهي. ايران جي مرڪزي...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});