وفاق سنڌ کي جي ايس ٽي جي ذميواري ڏئي ته هدف کان وڌيڪ ٽيڪس گڏ ڪري سگهون ٿا: بلاول ڀٽو

Homeاهم خبروفاق سنڌ کي...

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جيڪڏهن وفاق سنڌ کي جنرل سيلز ٽيڪس (جي ايس ٽي) گڏ ڪرڻ جي ذميواري ڏئي ته صوبو مقرر هدف کان وڌيڪ ٽيڪس گڏ ڪري سگهي ٿو، جنهن سان وفاقي مالي بحران گهٽجي سگهي ٿو.

ڪراچي ۾ اين آئي سي وي ڊي ۾ جديد او پي ڊي بلاڪ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته اين آئي سي وي ڊي جي ٽيم عالمي معيار جو مفت علاج جاري رکي دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪيو آهي. هن چيو ته ارڙهين ترميم ۽ مالي وسيلن بابت اعتراض ڪندڙن کي صوبائي ادارن جون ڪاميابيون نظر نٿيون اچن.

بلاول ڀٽو چيو ته پيپلزپارٽي پنهنجي منشور موجب سنڌ جي عوام کي جديد ۽ مفت علاج سندن گهر جي در تي فراهم ڪري رهي آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت جا ڪجهه وزير بحران کي بنياد بڻائي صوبن جا اختيار واپس وٺڻ چاهين ٿا، جڏهن ته موجوده حالتن ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

هن چيو ته سروسز سيلز ٽيڪس پهريان ايف بي آر گڏ ڪندو هو، پر اٺارهين ترميم کان پوءِ صوبن جي ذميواري بڻيو، ۽ سنڌ، بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا ايف بي آر جا سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا. بلاول ڀٽو چيو ته جيڪڏهن وفاق سنڌ کي جي ايس ٽي گڏ ڪرڻ جو هدف ڏئي ته صوبو نه رڳو هدف پورو ڪندو پر اضافي رقم به وفاق حوالي ڪندو.

هن چيو ته جيڪڏهن هدف کان وڌيڪ ٽيڪس گڏ ڪيو ويو ته اضافي رقم سنڌ جي عوام جي بهتري تي خرچ ڪئي ويندي. بلاول ڀٽو چيو ته جيڪڏهن بحران آهي ته ان جو مطلب آهي ته وفاقي ادارا پنهنجو ڪردار صحيح نموني ادا نه ڪري سگهيا، جڏهن ته صوبن پنهنجي ذميواري نڀائي آهي.

بلاول ڀٽو چيو ته پيپلزپارٽي پنهنجي منشور تي عمل ڪندي سنڌ جي عوام کي مفت ۽ معياري علاج فراهم ڪري رهي آهي، ۽ اين آئي سي وي ڊي دنيا جو سڀ کان وڏو مفت دل جو علاج ڪندڙ نيٽ ورڪ بڻجي چڪو آهي. هن چيو ته پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ذريعي سنڌ حڪومت ڪيترن ئي شعبن ۾ ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، جيڪي ٻين صوبن لاءِ به مثال بڻجي سگهن ٿيون.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

پاسداران انقلاب پاران ايف...

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

ادارن تي حملو پيپلز پارٽي...

لاڙڪاڻو (بيورو) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جيڪڏهن پيپلزپارٽي پنهنجي قائد جي گرفتاري تي...

جنگ هارائڻ کانپوءِ فيلڊ مارشل...

لاڙڪاڻو (بيورو) گڙهي خدا بخش ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي 18هين برسي جي موقعي تي وڏي جلسي کي خطاب...

پي ٽي آئي ۽ اسٽيبلشمينٽ...

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري الزام هنيو آهي ته پي ٽي آءِ ۽...

سنڌ جو مقابلو دنيا سان...

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سنڌ حڪومت جا ترقياتي منصوبا عالمي سطح...
spot_img

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...

ايران جي فوجي قيادت ٽرمپ جي ڳالهين جي دعوائن کي سختي سان رد ڪري ڇڏيو، سخت پيغام

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي فوجي قيادت آمريڪي صدر ٽرمپ جي ڳالهين بابت دعوائن کي سختي سان رد ڪري ڇڏيو آهي. ايران جي مرڪزي...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});