ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سنڌ حڪومت جا ترقياتي منصوبا عالمي سطح تي مڃتا حاصل ڪري رهيا آهن، ۽ اسان جو مقابلو ڪنهن ٻئي صوبي يا شهر سان نه، پر سڌو دنيا سان آهي.
ڪراچي ۾ رضا رباني جي ڪتاب جي انتسابي تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته، “اسان دنيا سان مقابلو ڪرڻ وارا آهيون، اسان جو مقابلو ڪنهن ٻئي صوبي يا شهر سان ناهي، اهو اسان جو ڪارنامو آهي.” هن رضا رباني کي ڪتاب تي مبارڪباد ڏني ۽ ٻڌايو ته ان ڪتاب کي پطرس بخاري جي بيسٽ ڪتاب جو ايوارڊ پڻ مليو آهي.
غزه جي صورتحال تي ڳالهائيندي بلاول ڀٽو چيو ته، “اسان هر مسلمان وانگر غزه جي مظلوم عوام سان گڏ بيٺا آهيون، جتي نه صرف ٻار پر صحافي، ڊاڪٽر ۽ نرسز به نسل ڪشي جو شڪار ٿي رهيا آهن.” هن اسرائيل طرفان جنگبندي ٽوڙڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته هاڻ جنگبندي قائم رهندي ۽ فلسطيني عوام جو تحفظ ممڪن بڻايو ويندو.
بلاول ڀٽو چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه آئين ۽ قانون جي پاسداري ڪئي آهي. هن خيرپور اسپيشل اکنامڪ زون جو ذڪر ڪندي چيو ته فنانشل ٽائمز ۽ ايف ڊي آءِ جي رپورٽ موجب خيرپور زون کي ايشيا پيسفڪ ۾ ٻئي نمبر تي رکيو ويو آهي، جيڪو عالمي سطح تي وڏي مڃتا آهي.
هن چيو ته بينظير ڀٽو پاران متعارف ڪرايل پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ماڊل کي به دنيا جي ڇهين بهترين ماڊل طور تسليم ڪيو ويو آهي. بلاول ڀٽو چيو ته، “اسان کي فخر آهي ته اسان جو مقابلو دنيا جي ملڪن سان آهي، نه صرف مقامي سطح تي.”
صحت جي شعبي ۾ سنڌ حڪومت جي ڪاميابين بابت ڳالهائيندي بلاول ڀٽو چيو ته اين آءِ سي وي ڊي ۽ سائينر نائف جهڙا منصوبا دنيا ۾ مفت علاج جي بهترين مثال آهن. هن بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي به عالمي سطح تي تسليم ٿيل منصوبو قرار ڏنو، جيڪو مظلوم طبقي جي مدد لاءِ اهم قدم آهي.
بلاول ڀٽو ٻڌايو ته سنڌ حڪومت طرفان سيلاب متاثرن لاءِ 20 لک گهر مالڪاڻه حقن سان ڏيڻ جو منصوبو به هڪ تاريخي قدم آهي. هن چيو ته، “اسان سياست عزت ۽ تاريخ رقم ڪرڻ لاءِ ڪريون ٿا.”
آخر ۾ بلاول ڀٽو اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل جي پاڪستان دوري جو ذڪر ڪندي چيو ته موسمي تبديلي جي اثرن بابت پاڪستان جو موقف عالمي سطح تي پيش ڪيو ويو، ۽ واضح ڪيو ويو ته انهن اثرن ۾ پاڪستان جو ڪو به هٿ ناهي.

