پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواه جي وڏي وزير محمد سهيل آفريدي چيو آهي ته هو صوبائي معاملن تي اسٽيبلشمنٽ سان ڳالهين ۽ لاڳاپا بهتر بڻائڻ لاءِ تيار آهيون، پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي باني عمران خان طرفان اهڙي ڪابه هدايت ناهي ملي. سهيل آفريدي موجب ڳالهين جو ٽاسڪ محمود اچڪزئي ۽ علامه ناصر عباس کي ڏنو ويو آهي.
وزيراعليٰ پشاور ۾ سينيئر صحافين سان غير رسمي ملاقات دوران چيو ته ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي بالادستي لازمي آهي ۽ ڊرون حملا بند ٿيڻ گهرجن. هن واضح ڪيو ته جيڪڏهن ڪا تقريب يا ملاقات ٿي ته هو فيلڊ مارشل عاصم منير سان ضرور ملندو.
سهيل آفريدي وفاقي حڪومت تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته ضم ٿيل ضلعن لاءِ 700 ارب رپيا بقايه اڃا تائين ادا نه ڪيا ويا آهن، جڏهن ته بجلي جي خالص منافعي ۽ ٻين مدن ۾ وفاق وٽ صوبائي حڪومت جا 4 هزار ارب رپين کان وڌيڪ بقايا آهي. هن چيو ته ترقياتي عمل شروع ٿيڻ سان ضم ضلعن ۾ عسڪريت پسندي جو خاتمو ممڪن ٿيندو.
وزيراعليٰ چيو ته باني پي ٽي آءِ جي آزادي لاءِ ماحول سازگار ٿيڻ ضروري آهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي قيادت کي به مضبوط نموني ميدان ۾ لهڻو پوندو. هن زور ڏنو ته ڪرپشن خلاف سندس حڪومت جي پاليسي زيرو ٽالرنس آهي ۽ اصول شفافيت، ميرٽ ۽ ترقي تي ٻڌل آهن.
لاهور جي دوري بابت سهيل آفريدي چيو ته دوري دوران غلط زبان استعمال ٿيڻ تي معذرت ڪري چڪا آهيون، پر پنجاب ۾ سندن قافلي سان بدتميزي ڪئي وئي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته جلد ڪراچي جو دورو ڪيو ويندو جتي مختلف تنظيمن سان ملاقاتون ٿينديون.
احتجاج بابت وزيراعليٰ اعلان ڪيو ته 8 فيبروري جو احتجاج هر صورت ۾ ٿيندو، جڏهن ته صوبائي حڪومت اڳوڻن وزيرن کان گاڏيون واپس وٺي چڪي آهي ۽ 100 ڏينهن جي ڪارڪردگي عوام آڏو پيش ڪئي ويندي.

