لاهور(ويب ڊيسڪ) وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز شريف جي پٽ جنيد صفدر جي ٻي شادي جون تقريبون اڄ کان جاتي عمره ۾ شاندار نموني سان شروع ٿي ويون آهن، جن کي نه صرف شوبز ۽ سياسي حلقن ۾ پر سوشل ميڊيا تي به وڏي توجهه ملي رهي آهي.
جنيد صفدر جو رشتو شانزي علي روحيل سان طئي ٿيو آهي، جيڪا مسلم ليگ (ن) جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي قومي اسيمبلي ميمبر شيخ روحيل اصغر جي پوٽي آهي. شادي جون تقريبون 16، 17 ۽ 18 جنوري 2026 تي منعقد ٿينديون، جن ۾ مهندي، بارات ۽ وليمي جون روايتي رسومات شامل آهن.
اطلاعات موجب، اڄ رات جاتي عمره ۾ مهندي جي تقريب رکي وئي آهي، جنهن ۾ شريف خاندان ۽ شيخ روحيل اصغر جي خاندان جا ميمبر ۽ ويجها عزيز شرڪت ڪري رهيا آهن. تقريب ۾ لڳ ڀڳ 350 مهمانن لاءِ دعوتِ ضيافت جو انتظام ڪيو ويو آهي، جڏهن ته معروف رقاص وهاب شاهه کي به مدعو ڪيو ويو آهي، جيڪو فنڪشن ۾ پرفارم ڪندو. شريف خاندان طرفان روايتي ۽ ديهي پکوانن جو خاص اهتمام ڪيو ويو آهي ته جيئن مهمانن کي شاندار ذائقو فراهم ڪري سگهجي.
ياد رهي ته سوشل ميڊيا تي شادي جو ڊزائن ڪيل ڪارڊ به وائرل ٿي چڪو آهي، جنهن ۾ وليمي جي تقريب 18 جنوري 2026، آچر ڏينهن، دوپهر هڪ وڳي جاتی عمره شريف فارمز ۾ رکڻ جو اعلان درج آهي.
واضح رهي ته هي جنيد صفدر جي ٻي شادي آهي. ان کان اڳ هن جي پهرين شادي 2023 ۾ هڪ مشهور بزنس مين سيف الرحمان جي ڌيءَ سان ٿي هئي، جيڪا طلاق تي ختم ٿي وئي.
سوشل ميڊيا صارفين شادي جي شوخين، ڪارڊ ۽ تقريبن جي تفصيلن تي تبصرا ڪري رهيا آهن، جڏهن ته سياسي مبصر شريف خاندان ۽ شيخ روحيل اصغر جي ويجهن سماجي ۽ اقتصادي لاڳاپن تي به دلچسپي ظاهر ڪري رهيا آهن.

