دوحه/تهران: ايران ۾ عوامي احتجاجي تحريڪ ۽ آمريڪا جي ممڪن مداخلت سبب خطي ۾ صورتحال وڌيڪ ڳنڀير ٿي وئي آهي، جنهن تي ڪيترن ئي ملڪن پنهنجن شهرين کي ايران مان واپس وڃڻ جي هدايت ڪئي آهي.
عالمي خبرن موجب، قطر ۾ قائم آمريڪا جو سڀ کان وڏو فوجي اڏو العديد ايئربيس ۾ ڪجهه آمريڪي آفيسرن کي شام تائين بيس ڇڏڻ جي هدايت ڪئي وئي، پر سفارتي ذريعن موجب اهو قدم صرف احتياطي آهي، باضابطه انخلا نه آهي.
العديد بيس ۾ لڳ ڀڳ 10 هزار آمريڪي فوجي موجود آهن. قطر جي پرڏيهي وزارت هن معاملي تي ڪو تبصرو نه ڪيو آهي.
صدر ڊونلڊ ٽرمپ تازو ئي چيو هو ته “اسان هن معاملي کي سنجيدگي سان ڏسي رهيا آهيون، فوج وٽ مضبوط آپشنز موجود آهن”، جنهن کان پوءِ حملي جا خدشا وڌيڪ وڌي ويا.
ملڪن جا حفاظتي قدم
برطانيا، ڪينيڊا، آسٽريليا ۽ يورپي ملڪن پنهنجن شهرين کي ايران ۾ محتاط رهڻ ۽ وطن واپس وڃڻ جي هدايت ڪئي آهي.
ڀارت پنهنجي شهرين کي ايران فوري طور ڇڏڻ جو حڪم ڏنو آهي، ۽ سفارتخاني طرفان سوشل ميڊيا تي بيان جاري ڪيو ويو آهي ته احتجاجي علائقن کان پري رهن.
پاڪستاني شاگردن جي واپسي شروع ٿي وئي آهي، لڳ ڀڳ 60 شاگرد بلوچستان جي گبد بارڊر ذريعي وطن موٽيا آهن. سفير مدثر ٽيپو موجب، ايران ۾ امتحان ٻيهر شيڊول ڪيا ويا آهن ۽ غير ملڪي شاگردن کي عارضي واپسي جي اجازت ڏني وئي آهي.
اتحادي ملڪن جو موقف
اسرائيل ۽ ٻين اتحادي ملڪن صدر ٽرمپ کي صلاح ڏني آهي ته وڏي فوجي ڪارروائي بدران ايران جي حڪومت کي وڌيڪ ڪمزور ڪرڻ تي ڌيان ڏنو وڃي. اتحادي ملڪن خبردار ڪيو آهي ته بنا سياسي ڪمزوري جي فوجي حملو نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿو.

