واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) امريڪا تازين هنگامن ۽ وڳوڙن دوران مظاهرو ڪندڙن تي تشدد جي الزام هيٺ ايران جي اعليٰ عملدارن تي پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون آهن۔ انهن ۾ نيشنل سيڪيورٽي جي سپريم ڪائونسل جو سيڪريٽري علي لاريجاني ۽ ٻين سيڪيورٽي ڪمانڊرن جا نالا شامل آهن۔
امريڪي ناڻي وزارت جي بيان موجب، پابنديءَ جي زد ۾ ايندڙ عملدارن ۾ محمد رضا هاشمي فر، نعمت الله باقري، عزيز الله مُلڪي ۽ يد الله بوعلي شامل آهن، جن کي مظاهرين خلاف ڪريڪ ڊائون ۾ سڌي طرح ملوث قرار ڏنو ويو آهي۔
رپورٽ مطابق، آمريڪي پابندين ۾ ايران جي شيڊو بئنڪنگ نيٽورڪ سان لاڳاپيل 18 ڄڻن ۽ ادارا به شامل آهن، جن ۾ متحده عرب امارات، برطانيا ۽ سنگاپور ۾ قائم فرنٽ ڪمپنيون به شامل آهن۔
امريڪي ناڻي واري وزارت الزام هنيو آهي ته اهي فرد ۽ ادارا شيڊو بئنڪنگ نيٽورڪ ذريعي ايراني تيل ۽ پيٽروڪيميڪل شين جي عالمي مارڪيٽن مان حاصل ٿيندڙ آمدني کي مني لانڊرنگ ذريعي لڪائڻ ۾ ملوث هئا۔
امريڪي ناڻي واري سيڪريٽري اسڪاٽ بيسنٽ هڪ وڊيو پيغام ۾ چيو ته ايران جي اڳواڻن لاءِ واضح پيغام آهي ته آمريڪي وزارت خزانه ڄاڻي ٿي ته جيئن ٻڏندڙ جهاز مان ڀڄندڙ چوها، اوهان ايراني خاندانن کان لُٽيل رقم گھبرايل حالت ۾ دنيا جي بئنڪن ۽ مالي ادارن ڏانهن منتقل ڪري رهيا آهيو۔
هن وڌيڪ چيو ته “يقين رکو، اسان ان جو ۽ اوهان جو به سراغ لڳائينداسين، پر ان لاءِ ٿورو وقت گهربل آهي۔ جيڪڏهن اوهان اسان سان گڏ ٿيڻ جي چونڊ ڪيو ته جيئن صدر ٽرمپ چيو هو، هنگامه بند ڪريو ۽ ايراني عوام سان گڏ بيهو۔”
امريڪي سيڪريٽري خزانه وڌيڪ چيو ته آمريڪا مڪمل طور تي ايراني عوام جي آزادي ۽ انصاف لاءِ اٿندڙ آواز سان گڏ آهي ۽ وزارت خزانه هر ممڪن ذريعو استعمال ڪندي انهن عنصرن کي نشانو بڻائيندي جيڪي ايراني حڪومت جي انساني حقن جي پاماليءَ جي پويان آهن۔
واضح رهي ته ايران تي لاڳو ڪيل هي پابنديون صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ڌمڪين کان پوءِ پهريون قدم آهن، جيڪي ايران تي دٻاءُ برقرار رکڻ لاءِ کنيا ويا آهن۔

