اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ ايمان مزاري ۽ سندس مڙس هادي علي چٺه خلاف تڪراري ٽوئيٽس ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن جي صدارت ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج محمد افضل مجوڪا ڪئي۔
هادي علي چٺه عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ چيو ته ايمان مزاري گواهه شهروز تي پاڻ جرح ڪرڻ چاهي ٿي ۽ ڪجهه سوال پاڻ ڪرڻ چاهي ٿي۔ جج افضل مجوڪا چيو ته گواهه شهروز تي جرح مڪمل ڪريو، نه ته جرح جو حق ختم ڪري ڇڏيندس۔
اسلام آباد ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جو صدر چوڌري نعيم گجر عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ چيو ته سومر تائين تاريخ ڏني وڃي، ان کان پوءِ ڪو به التوا نه گهرجي، ڇوتہ ايمان مزاري جي طبيعت خراب آهي ۽ هوءَ پاڻ جرح ڪرڻ چاهي ٿي۔
پراسڪيوشن طرفان التوا ڏيڻ جي مخالفت ڪئي وئي ۽ موقف اختيار ڪيو ويو ته عدالت گواهه کان حلف وٺي جرح شروع ڪري۔
ان دوران بار صدر نعيم گجر ۽ پراسڪيوٽر رانا عثمان ۾ سخت منهن ماري ٿي۔ ايڊووڪيٽ نعيم گجر چيو: “تون حلف وٺي ڏيکار، ڏسان ٿو ڪيئن وٺين ٿو، مان بار جو صدر آهيان، تنهنجي پيءُ جو نوڪر نه آهيان، نظرون اتي ڏيکار جتان تون آيو آهين.” هن وڌيڪ چيو: “تون حلف وٺين ته ٽنگون ٽوڙي موڪليندس.”
عدالت ۾ صورتحال وڌيڪ خراب ٿيڻ تي جج افضل مجوڪا چيمبر ۾ هليو ويو ۽ ڪيس جي ٻڌڻي ۾ وقفو ڪيو۔
وقفو ختم ٿيڻ کان پوءِ ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺه عدالت ۾ پيش نه ٿيا۔ پراسڪيوٽر رانا عثمان چيو ته عدالت ۾ آفيسر آف دي ڪورٽ تي هٿ کنيو ويو، نعيم گجر بار جو صدر آهي يا غنڊو؟
عدالت ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺه جي ضمانت رد ڪري ڇڏي ۽ حڪم ڏنو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري پيش ڪيو وڃي۔ عدالت جوابدارن جي جرح جو حق به ختم ڪري ڇڏيو ۽ حڪم ڏنو ته سڀاڻي 342 جو بيان رڪارڊ ڪيو ويندو۔ ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪئي وئي۔
عدالت ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺه جا وارنٽ گرفتاري جاري ڪري ڇڏيا ۽ حڪم ڏنو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري جوڊيشل لاڪ اپ ۾ رکيو وڃي ۽ سڀاڻي ويڊيو لنڪ ذريعي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي۔
ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج محمد افضل مجوڪا طرفان وارنٽ گرفتاري جاري ڪيا ويا۔

