باجوڙ (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي نائب امير ۽ اڳوڻي صوبائي اسيمبلي جي اميدوار مولانا وحيد گل جي گهر ٻاهران بم ڌماڪو ٿيو، جنهن سان علائقي ۾ خوف پکڙجي ويو، پر خوشقسمتي سان ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو.
پوليس موجب ڌماڪو مولانا وحيد گل جي رهائشگاهه ٻاهران ٿيو، جنهن ۾ گهر ۽ گاڏي کي جزوي نقصان پهتو. اطلاع ملندي ئي پوليس جي نفري واقعي واري هنڌ پهچي علائقي کي گهيري ۾ وٺي جاچ شروع ڪئي.
مولانا وحيد گل واقعي جي تصديق ڪندي چيو ته ڌماڪي ۾ ڪنهن به قسم جو جاني نقصان نه ٿيو.
ڊسٽرڪٽ پوليس آفيسر وقاص رفيق موجب ابتدائي جاچ مان معلوم ٿيو آهي ته ڌماڪي ۾ آءِ اي ڊي استعمال ٿي آهي، جنهن بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.

