ڊي آءِ خان (ويب ڊيسڪ) بنون جي ٿاڻي ميريان جي مرڪزي گيٽ ٻاهران بارود سان ڀريل گاڏي ۽ موٽر سائيڪل ۾ لڳايل آءِ اي ڊي ڌماڪي جي نتيجي ۾ ٻه ڄڻا، جن ۾ هڪ ٻار به شامل آهي، فوت ٿي ويا جڏهن ته گهٽ ۾ گهٽ 20 ماڻهو زخمي ٿي پيا.
پوليس موجب دهشتگردن بارود سان ڀريل زرنج رڪشو ٿاڻي جي مين گيٽ سان ٽڪرائي ڇڏيو، جڏهن ته هڪ موٽر سائيڪل ۾ به آءِ اي ڊي لڳايل هئي جيڪا ويجهين دڪانن جي سامهون بيٺل هئي. ڌماڪي وقت ٿاڻي ٻاهران دڪان موجود هئا، جنهن سبب شهري نشانو بڻيا.
ڊي آءِ جي بنون سجاد خان موجب آءِ اي ڊي ڌماڪي ۾ پوليس اهلڪار محفوظ رهيا، پر ٻه ماڻهو جن ۾ هڪ ٻار شامل آهي، جان وڃائي ويٺا. زخمين کي فوري طور ويجهن اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو جتي ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي.
ڌماڪي جي اطلاع ملندي ئي پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي وئي ۽ علائقي کي گهيري ۾ وٺي سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو.
اختيارين جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ جاري آهي ۽ ملوث عنصرن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.
ٻئي پاسي، ايف سي جي منزئي پوسٽ مرتضيٰ ۾ ڪواڊ ڪاپٽر ڊرون حملي ۾ زخمي ٿيل جوانن کي ريسڪيو ڪرڻ لاءِ فرنٽيئر ڪور ڪوڙ قلعو ٽيم تي فائرنگ ۽ ڌماڪي ۾ ٻه جوان شهيد ۽ پنج زخمي ٿي پيا. شهيدن ۾ لانس نائين باسط ۽ سپاهي عصمت الله شامل آهي، جڏهن ته زخمين ۾ نائب صوبيدار زاهد، نائيڪ مدثر، سپاهي اصغر، حوالدار شاهپور خان ۽ لانس نائيڪ جان شامل آهن.

