لاهور(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جو ڏوهٽو ۽ وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز جو پٽ جنيد صفدر جي شادي جون تقريبون جاري آهن. اڄ جنيد صفدر سهرا ٻڌي بارات سان گڏ لاهور جي نجي هائوسنگ سوسائٽي پهتو. بارات جاتی امرا مان رواني ٿي، جنهن جي اڳواڻي نواز شريف ۽ وزيراعظم شهباز شريف ڪئي.
بارات ۾ شريف خاندان جا فرد، وفاقي ۽ صوبائي وزير، اهم سياسي شخصيتون ۽ ملڪي توڙي غيرملڪي مهمان شامل هئا. گهوٽ جي گاڏي کي گلن سان سينگاريو ويو، جڏهن ته تقريب ۾ سياسي ۽ سماجي شخصيتن جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي.
گهوٽ جي گاڏي کي گلن سان سينگاريو ويو، جڏهن ته تقريب ۾ سياسي ۽ سماجي شخصيتن جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي#JunaidSafdarWedding #BaratInLahore #MaryamNawaz #NawazSharif #ShehbazSharif #WeddingCeremony #PoliticalFigures #LahoreEvents pic.twitter.com/8H9bBuknkE
— Daily Misal News (@dailymisalnews) January 17, 2026
جنيد صفدر جي ڪنوار شانزے شيخ، مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ شيخ روحيل اصغر جي پوٽي آهي. شادي جي تقريبن ۾ سخت سيڪيورٽي انتظامات ڪيا ويا آهن.
گذريل رات جاتی امرا ۾ مينڌي جي تقريب ٿي، جنهن ۾ ٻنهي خاندانن جا فرد ۽ 350 مهمان شامل ٿيا. تقريب ۾ روايتي ۽ ديسي کاڌا پيش ڪيا ويا، جن ۾ سوپ، چڪن ڊمپوره، دال گوشت، آلو گوشت، باربيڪيو ۽ مٺاين ۾ گجر جو حلوو ۽ دال جو حلوو شامل هو. مهندي جي تقريب ۾ مشهور رقاص وهب شاهه به مدعو ڪيو ويو.
بارات جي ضيافت لاءِ 400 مهمانن کي دعوت ڏني وئي آهي، جڏهن ته وليمي جي تقريب 18 جنوري تي جاتی امرا فارمز ۾ ٿيندي، جنهن ۾ 800 مهمانن کي مدعو ڪيو ويو آهي. وليمي ۾ وزيراعظم شهباز شريف، وفاقي ۽ صوبائي وزير، اهم سياسي اڳواڻ ۽ غيرملڪي مهمان به شرڪت ڪندا.

