هري پور(ويب ڊيسڪ) وزيراعليٰ خيبرپختونخوا محمد سهيل آفريدي چيو آهي ته حقيقي آزادي جي جدوجهد ڏينهون ڏينهن زور وٺي رهي آهي. هن چيو ته اسان جي جدوجهد جو مقصد مضبوط جمهوريت، آزاد عدليه ۽ آزاد ميڊيا جي بحالي آهي.
هري پور جي صديق اڪبر چوڪ ۾ ريلي کي خطاب ڪندي سهيل آفريدي عوام جي استقبال تي ٿورا مڃيندي چيو ته هري پور جا ماڻهو عمران خان سان ڄمي بيٺل آهن. هن ٻڌايو ته عمران خان جي حڪم تي ملڪ ۾ اسٽريٽ موومينٽ جي تياري شروع ڪئي وئي آهي ۽ ان سلسلي ۾ هو هري پور کان پوءِ ايبٽ آباد ۽ مانسهره جو دورو ڪندو.
وزيراعليٰ خيبرپختونخوا چيو ته بدقسمتي سان هري پور جي عوام جي مينڊيٽ تي ٻيهر ڌاڙو هنيو ويو آهي، پر عوام جوش ۽ جذبي سان جدوجهد ۾ شامل آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسٽريٽ موومينٽ جي تياري کي عروج تائين پهچايو ويندو ۽ هري پور جا ماڻهو هر قسم جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهن.

