ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پي ٽي آئي جي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو آهي ته ملڪ جنهن طريقي سان هلائي پيو وڃي، ان سان اڳتي وڌڻ ممڪن نه آهي. هن چيو ته وڪيل برادري هميشه قانون جي بالادستي ۽ جمهوري جدوجهد ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، ۽ ماضي ۾ وڪيل تنظيمن جي هلندڙ تحريڪن ملڪ ۾ تبديلي آڻڻ ۾ بنيادي حيثيت رکي آهي.
اسد قيصر چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ۽ ڪراچي بار جو ڪردار انتهائي مؤثر رهيو آهي، پر افسوس جو بار ايسوسيئيشن ۾ حڪومتي اثر رسوخ وڌي رهيو آهي. هن الزام هنيو ته حڪومت وڪيلن جي طاقت کي ورهائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، جڏهن ته ڪجهه گروپ خزانا کولي وڪيل برادري کي قانون جي حڪمراني کان پري رکڻ جي ايجنڊا تي عمل ڪري رهيا آهن.
هن زور ڏنو ته وڪيل برادري کي متحد رهڻ گهرجي ۽ قانون جي بالادستي لاءِ پنهنجو ڪردار وڌيڪ مضبوط ڪرڻو پوندو، ڇو ته ملڪ جي مستقبل لاءِ وڪيلن جي جدوجهد انتهائي اهم آهي.

