لاهور: هلندڙ ٽرين ۾ عورت مسافر کي ٿپڙ هڻڻ واري واقعي تي ريلوي اختيارين ڪارروائي ڪندي اسپيشل ٽڪيٽ ايگزامينر ارشاد کي معطل ڪري ڇڏيو آهي۔
ڊويزنل ڪمرشل آفيسر عبدالله ارشاد موجب معطلي کان پوءِ واقعي جي باقاعده انڪوائري شروع ڪئي وئي آهي۔
ريلوي ذريعن جو چوڻ آهي ته هي واقعو فيصل آباد کان راولپنڊي ويندڙ پاڪستان ايڪسپريس ٽرين ۾ پيش آيو، جتي سامان رستي ۾ رکڻ تي مسافرن ۾ جهيڙو شروع ٿيو۔ مسافرن جي وچ ۾ تلخ ڪلامي کان پوءِ وڊيوز ٺاهڻ تي معاملو وڌيڪ وڌي ويو ۽ نوبت هٿاپائي تائين پهچي وئي، جنهن دوران ٽرين ڪجهه وقت لاءِ رڪجي به وئي۔ ٻين مسافرن مداخلت ڪري جهيڙو ختم ڪرايو۔
ريلوي ذريعن موجب واقعي کان پوءِ مسافرن جي شڪايتن تي ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي۔ اختيارين جو چوڻ آهي ته ايندڙ سومر تي انڪوائري ٽيم جي سامهون ٽڪيٽ ايگزامينر، ڊيوٽي تي موجود پوليس اهلڪار ۽ گارڊ پيش ٿيندا۔
واضح رهي ته ٽرين ۾ مسافر سان جهيڙي جو هي واقعو 4 کان 5 ڏينهن اڳ پيش آيو هو۔
هلندڙ ٽرين ۾ ٽڪيٽ چيڪر پاران عورت مسافر کي ٿپڙ، وڊيو سامهون اچي وئي
Subscribe
By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

