ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسن جا سينيٽائيزيشن آپريشنز تيزي سان جاري آهن، جن دوران گذريل ٽن ڏينهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 177 دهشتگرد مارجي ويا آهن. سيڪيورٽي ذريعن موجب فورسز طرفان “فتنه الهندوستان” سان لاڳاپيل دهشتگردن خلاف ڪارروائيون جاري آهن.
گذريل رات به آپريشنز ۾ وڌيڪ 22 دهشتگرد ماريا ويا، جنهن کانپوءِ ٽن ڏينهن دوران 177 دهشتگرد مارجي چڪا آهن.
سيڪيورٽي فورسز، انٽيليجنس ايجنسين ۽ پوليس گڏجي مختلف علائقن ۾ دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن خلاف گهيرو تنگ ڪري رهيون آهن، جنهن سبب وڌيڪ نقصان جون رپورٽون سامهون اچي رهيون آهن.

