راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز ٻن الڳ الڳ انٽيليجنس بنيادن تي آپريشن ڪندي 15 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو، جيڪي مبينا طور ڀارتي سهڪار سان سرگرم هئا.
آءِ ايس پي آر موجب 5 مارچ تي ضلع هرنائي ۾ فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي آپريشن ڪيو ويو، جنهن ۾ ڇتي فائرنگ جي ڏي وٺ کان پوءِ 12 دهشتگرد مارجي ويا۔
ٻيو آپريشن ضلع بسيمه ۾ ڪيو ويو، جتي فتنه الهندستان جي دهشتگردن کي نشانو بڻايو ويو. سخت مقابلي کان پوءِ 3 دهشتگرد مارجي ويا.
دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار، بارود ۽ ڌماڪيدار مواد به هٿ آيو، جيڪي ڪيترين دهشتگرد ڪارروائين ۾ ملوث هئا. علائقي ۾ وڌيڪ دهشتگردن جي موجودگي ختم ڪرڻ لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي.
سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون نافذ ڪندڙ ادارا قومي ايڪشن پلان تحت وفاقي ايپڪس ڪميٽي جي منظور ڪيل عزمِ استحڪام جي ويزن مطابق ملڪ مان بيروني سهڪار سان ٿيندڙ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڪارروائيون جاري رکندا۔

