ڪي اليڪٽرڪ جي سي اي او مونس علوي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، نئون سربراهه مقرر ٿيڻ جو امڪان

Homeاهم خبرڪي اليڪٽرڪ جي...

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ذريعن موجب مختلف تنازعات ۾ گهيريل مونس علوي پنهنجو استعيفو ڪمپني جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز کي موڪلي ڇڏيو آهي، جڏهن ته نئين سي اي او جي مقرري لاءِ تياريون شروع ٿي چڪيون آهن.

ڪي-اليڪٽرڪ جي ترجمان مونس علوي جي استعيفي بابت تصديق يا ترديد ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته بورڊ جي منظوري کان پوءِ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج کي به آگاهه ڪيو ويندو.مونس علوي 18 سال تائين ڪي-اليڪٽرڪ ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ 8 سال تائين سي اي او جي حيثيت سان ڪم ڪندي سڀ کان ڊگهي عرصي تائين سي اي او رهڻ جو رڪارڊ قائم ڪيو.

ذريعن موجب بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي چيئرمين مارڪ اسڪيليٽن استعيفيٰ منظور ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته نئين سي اي او لاءِ ڪراچي سان تعلق رکندڙ ٽن اميدوارن کي شارٽ لسٽ ڪيو ويو آهي، جيڪي توانائي ۽ فنانس شعبي ۾ وسيع تجربو رکن ٿا.

بورڊ جو اهم اجلاس ايندڙ هفتي ٿيڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته بورڊ آف ڊائريڪٽرز جا اليڪشن رمضان المبارڪ ۾ منعقد ٿيندا. موجوده بورڊ ٽن شارٽ لسٽ ٿيل اميدوارن جا انٽرويو وٺي نئين بورڊ کي رپورٽ پيش ڪندو.

ذريعن ٻڌايو ته بورڊ جي مجموعي ميمبرن جو انگ 13 آهي، پر ڊگهي عرصي کان 3 سيٽون خالي آهن. مونس علوي جي استعيفي کان پوءِ موجوده ميمبرن جو انگ 9 رهجي ويو آهي.

استعيفي کان پوءِ ڪي اليڪٽرڪ ۾ غير يقيني صورتحال پيدا ٿي وئي آهي ۽ اعليٰ آفيسر مستقبل بابت پريشان نظر اچن ٿا. مونس علوي هن وقت عمري لاءِ سعودي عرب ۾ موجود آهي، جتي رابطو ڪرڻ باوجود هن فون نه کنيو ۽ نه ئي ڪنهن پيغام جو جواب ڏنو. ترجمان جو چوڻ آهي ته ڪمپني جي هدايت موجب ئي سرڪاري موقف جاري ڪيو ويندو.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

ڪي اليڪٽرڪ سميت سڄي ملڪ...

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪي اليڪٽرڪ سميت سڄي ملڪ جي بجلي صارفين لاءِ هڪ مهيني لاءِ بجلي مهانگي ڪئي...
spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});