ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ دهشتگردي لاءِ افغان سرزمين جي استعمال بابت وڌيڪ ناقابلِ ترديد ثبوت سامهون اچي ويا آهن.
16 فيبروري 2026 تي باجوڙ جي ملنگي پوسٽ تي ٿيل خودڪش حملي ۾ ملوث دهشتگرد به افغان شهري نڪتو. حملي آور جي سڃاڻپ “خارجي احمد عرف قاري عبدالله ابوذر” طور ٿي آهي، جيڪو افغانستان جي صوبي بلخ جو رهواسي هو ۽ طالبان جي اسپيشل فورسز جو حصو رهي چڪو هو. هن حملي ۾ 11 سيڪيورٽي اهلڪار ۽ 2 بيگناهه شهري شهيد ٿيا هئا.
ذريعن موجب، پاڪستان ۾ ٿيل ڪيترن ئي وڏن دهشتگرد حملن جا تانا بانا افغانستان سان ڳنڍيل آهن. 6 فيبروري 2026 تي اسلام آباد ترلائي ۾ خودڪش بمبار افغانستان مان تربيت حاصل ڪئي هئي.11 نومبر 2025 تي اسلام آباد جوڊيشل ڪمپليڪس ۽ 24 نومبر تي پشاور ۾ ايف سي هيڊڪوارٽرز تي حملا ڪندڙ دهشتگرد به افغان شهري هئا.
گذريل سال ڊيره اسماعيل خان پوليس ٽريننگ سينٽر ۽ وانہ ڪيڊٽ ڪاليج تي حملا ڪندڙن ۾ به افغان شهري شامل هئا. 19 آڪٽوبر 2025 تي ڏکڻ وزيرستان ۾ گرفتار ٿيل خودڪش بمبار نعمت الله ولد موسيٰ جان قندھار جو رهواسي هو. 4 مارچ 2025 تي بنوں ڪينٽ حملو ۽ 11 مارچ تي جعفر ايڪسپريس حملو به افغان سهولتڪارن جي منصوبابندي سان ٿيو.
ماهرن جو چوڻ آهي ته افغان طالبان رجيم جي دهشتگرد تنظيمن کي پناهه ڏيڻ سبب پاڪستان ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جا 70 سيڪڙو کان وڌيڪ واقعا افغان شهري ملوث هجڻ جو ثبوت آهن. طالبان جي اهڙي پاليسي امن جي ڪوششن کي بار بار خراب ڪيو آهي.

