رياض ۾ آمريڪي سفارتخاني تي ايراني ڊرون حملو، تهران ۽ تل ابيب ۾ شديد بمباري جاري

HomeFeatured Newsرياض ۾ آمريڪي...

تهران / رياض / تل ابيب  (ويب ڊيسڪ) ايران ۽ آمريڪا ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جاري تڪرار وڌيڪ شدت اختيار ڪري ويو آهي۔ سعودي اختيارين موجب رياض ۾ قائم آمريڪي سفارتخاني تي ٻه ڊرون حملا ڪيا ويا، جن جي نتيجي ۾ محدود باهه لڳي ۽ معمولي نقصان ٿيو.

ٻئي پاسي ايراني پاسدارانِ انقلاب اعلان ڪيو آهي ته آبنائي هرمز کي بند ڪيو ويو آهي ۽ خبردار ڪيو ويو آهي ته هن پاڻي رستي مان گذرندڙ ڪنهن به جهاز کي نشانو بڻايو وڃي سگهي ٿو۔ آبنائي هرمز مان دنيا جو لڳ ڀڳ پنجون حصو تيل گذري ٿو۔

اسرائيلي فوج تهران ۽ بيروت تي حملا جاري رکيا آهن، جن ۾ ايراني سرڪاري نشرياتي اداري کي به نشانو بڻايو ويو۔ ايران ۽ لبنان ۾ مجموعي موت جو انگ 600 کان وڌي ويو آهي۔

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران خلاف فوجي مهم لڳ ڀڳ چار هفتا جاري رهي سگهي ٿي ۽ واشنگٽن تهران جي ميزائل ۽ ايٽمي پروگرام کي تباهه ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندو۔

ايران خليجي ملڪن ۾ توانائي جي بنيادي ڍانچي کي به نشانو بڻايو آهي، جنهن کان پوءِ عالمي مارڪيٽ ۾ تيل ۽ گئس جي قيمتن ۾ تيزي سان اضافو ٿيو۔ قطر انرجي پنهنجي ٻن تنصيبات تي حملا ٿيڻ کان پوءِ ايل اين جي جي پيداوار عارضي طور معطل ڪري ڇڏي آهي۔

ايران طرفان اسرائيل جي مختلف علائقن تي به حملا جاري آهن۔ اسرائيلي فوج موجب مغربي يروشلم، تل ابيب ۽ ايلاٽ تي ميزائل روڪيا ويا، پر هفتي کان وٺي اسرائيل ۾ گهٽ ۾ گهٽ 10 ماڻهو مارجي چڪا آهن۔

خطّي ۾ بگڙندڙ صورتحال سبب عالمي سطح تي شديد پريشاني موجود آهي ۽ سفارتي ڪوششون تيز ڪرڻ جي اپيل ڪئي پئي وڃي۔

وچ اوڀر ۾ وڌندڙ تڪرار سبب آمريڪا ۽ ڪينيڊا پنهنجا ڪيترائي سفارتخانا عارضي طور بند ڪري ڇڏيا آهن۔ ڪويت ۾ آمريڪي سفارتخاني اعلان ڪيو آهي ته موجوده علائقائي تناؤ جي پيش نظر سفارتي سرگرميون ايندڙ حڪم تائين معطل رهنديون۔

آمريڪي اختيارين موجب تازين فوجي واقعن ۾ ڪويت ۾ ڇهه آمريڪي فوجي مارجي ويا ۽ ٽي آمريڪي جنگي جهاز تباهه ٿيا، جن کي آمريڪي فوج “فرينڊلي فائر” جو واقعو قرار ڏنو آهي۔

ٻئي طرف ڪينيڊا جي رياض سفارتخاني به موجوده سيڪيورٽي صورتحال سبب عارضي بندش جو اعلان ڪيو آهي ۽ 6 مارچ تائين سڀ ملاقاتون منسوخ ڪري ڇڏيون آهن۔

ساڳئي وقت بغداد ۾ آمريڪي سفارتخاني غير هنگامي آمريڪي ملازمن کي ملڪ ڇڏڻ جو حڪم ڏنو آهي۔ رياض ۾ قائم آمريڪي سفارتخاني حملي کان پوءِ سعودي عرب ۾ سڀ قونصلر خدمتون معطل ڪري ڇڏيون آهن ۽ آمريڪي شهرين کي ذاتي سيڪيورٽي پلان تيار رکڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي۔

آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ پنهنجي ايڊوائزري ۾ آمريڪي شهرين کي مشرقِ وسطىٰ جي 14 ملڪن مان فوري طور نڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، جن ۾ بحرین، مصر، ايران، عراق، اسرائيل، اردن، ڪويت، لبنان، عمان، قطر، سعودي عرب، شام، متحده عرب امارات ۽ يمن شامل آهن۔

ڪينيڊا جي حڪومت به پنهنجي شهرين کي دبئي فوري ڇڏڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته خاص پروازن جو انتظار نه ڪيو وڃي، پر زميني رستن ذريعي سعودي عرب يا سلطنت عمان پهچڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي۔

ايران جي قومي سلامتي ڪائونسل جي سيڪريٽري علي لاريجاني آمريڪا سان ڳالهين جي خبرن جي سختي سان ترديد ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته ايران واشنگٽن سان ڪا ڳالهه نه ڪندو۔ هن آمريڪي صدر ٽرمپ تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته ٽرمپ پنهنجي “خيالي تصورن” سبب مشرقِ وسطىٰ کي افراتفري ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي۔

اردن ميزائل حملن تي سخت احتجاج ڪندي ايراني سفير کي طلب ڪيو آهي۔ ايراني سرڪاري ميڊيا دعويٰ ڪيو آهي ته تازين حملن ۾ 560 آمريڪي فوجي مارجي ويا يا زخمي ٿيا آهن، جڏهن ته آمريڪي جهاز بردار ابراهام لنڪن کي چار ميزائلن سان نشانو بڻايو ويو آهي۔

پاسدارانِ انقلاب موجب ٽن آمريڪي ۽ برطانوي آئل ٽينڪرن کي ميزائلن سان هدف بڻايو ويو آهي، جيڪي هاڻي خليج فارس ۽ آبنائي هرمز ۾ ساڙي رهيا آهن۔

ٻئي طرف اسرائيل ايران تي حملي جي نئين لهر شروع ڪئي آهي۔ تهران ۾ شديد بمباري جي اطلاع آهي، جتي زور دار ڌماڪن جون آوازون ٻڌيون ويون ۽ آسمان ۾ رڳو دونهن ئي دونهن هو۔ اسرائيلي حڪومت ملڪ ۾ لاڳو ايمرجنسي جي مدي ۾ 12 مارچ تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي ۽ سيڪيورٽي فورسز کي هاءِ الرٽ تي رکيو ويو آهي۔

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

پاسداران انقلاب پاران ايف 18...

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ...

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون...

ايران جو سپريم ليڊر آيت...

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسرائيل ۽ آمريڪا جي گڏيل حملي کان پوءِ ايران طرفان به جوابي حملا جاري آهن، پر...
spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});