حڪومت جي ڳالهين ۾ صبح ، شام ۽ رات تضاد آهي، وزيرن جي ڪرپشن جو ڳالهيون هر زبان تي عام آهن: مصطفيٰ ڪمال

Homeخبرونپاڪستانحڪومت جي ڳالهين...

حيدرآباد  (پ ر) پاڪ سرزمين پارٽي جي چيئرمين سيد مصطفي ڪمال چيو آهي ته پي ايس پي پاڪستان جي رياست کي مڃي ٿي ۽ اسان پاڪستان جي رياست جا وفادار آهيون.

حڪومت رياست نه آهي اڄ ڪنهن جي حڪومت آهي ته سڀاڻي ٻئي ڪنهن جي هوندي. اڄ حڪومت ماڻهن کي مرڻ لاءِ ڇڏي ڏنو آهي.

خوراڪ ، صحت ، تعليم ، انصاف ۽ ٻيون بنيادي سهولتون حڪومت عوام کي نه ڏئي رهي آهي. حڪومت جي ڳالهين ۾ صبح ، شام ۽ رات تضاد آهي.

وزيرن جي ڪرپشن جو ڳالهيون هر زبان تي عام آهن. اٽي ۽ کنڊ سميت ڪيترائي اسڪينڊل سامهون اچي چڪا آهن. ان چيو ته اسان آئين پاڪستان ۽ قانون جي دائري ۾ رهندي جدوجهد جو آغاز ڪرڻ وڃي رهيا آهيون جنهن ۾ اسان کي اسٽيٽس رکڻ وارين طاقتن کي منهن ڏيڻو پوندو ۽ اسان کي يقينا تڪليف ۽ نقصان کڻڻو پوندو ان ۾ اسان جون جانيون به وڃي سگهن ٿيون جنهن جي لاءِ اسان تيار آهيون ۽ ڪنهن به قرباني ڏيڻ کان نه ڪيٻائينداسين.

ان چيو ته جڏهن اسان آواز کي اٿارينداسين ته هن نظام کي هلائڻ وارا اسان جي مٿان ظلم ڪندا ان جي لاءِ پي ايس پي جا ڪارڪن ذهني ۽ جسماني طور تي اچڻ وارين آزمائش لاءِ پاڻ کي تيار رکن.

وقت اچي ويو آهي ته پي ايس پي جا ڪارڪن ايمان جي سڀني کان برتر درجي تي پهچن ۽ برائي کي پنهنجي هٿن سان روڪين. انهن خيالن جو اظهار ان ويڊيولنڪ جي ذريعي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي ڪيو.

ان چيو ته اسان جڏهن ايمان جي گهٽ درجي تي فائز هئاسين ته اسان برائي کي دل ۾ برو سمجهي ڪري 2013 ۾ پنهنجي سينيٽر شپ ڇڏي هليا وياسين. هڪ مهيني کان پوءِ انيس قائمخاني به ڇڏي هليو ويو پوءِ اسان کي الله تعالي همت ۽ طاقت ڏني اسان ايمان جي ٻئي درجي برائي کي زبان سان سر عام برو چوڻ جي لاءِ 3 مارچ 2016 تي پاڪستان واپس آياسين ۽ اسان الله جي حڪم کي يعني نيڪي جو حڪم ڏيو ۽ برائي کان روڪيو کي پنهنجي عادت ٺاهي ڇڏي.

ڪارڪنن کي اسان نيڪي جو حڪم ڏنو ۽ برائي کان روڪيو. ان چيو ته اسان پاڪستان جي آئين ۽ قانون کي مڃڻ وارا آهيون. اسان ڪنهن سان وڙهڻ نٿا چاهيون ڇو ته اسان وطن سان محبت ڪندڙ ماڻهو آهيون. ان وقت تائين دنيا ۾ ڪاب تبديلي نٿي اچي جيستائين قرباني نه ڏني وڃي. الله تعالي آزمائش کان سواءِ پنهنجي مدد نٿو موڪلي امتحان ۾ گذرڻ کان سواءِ ڪاميابي نٿي ملي.

اسان جي ساٿين کي شهيد ڪيو ويو اسان تي طرح طرح جا الزام لڳايا ويا پر اسان صبر ڪيو ڇو ته حق ۽ سچ جي رستي ۾ قرباني ڏيڻي پوندي آهي. چئن سالن جي دور ۾ سڀ ظلم سهڻ جي باوجود اسان ڪنهن کي ڀتر به نه هنيو اهو اسان جو صبر هو پر هاڻ پاڪستان کي وڌيڪ انهن حالتن ۾ ڏسڻ لاءِ تيار نه آهيون اهي ساٿي جيڪي ٻيو ڪجهه سوچي پي ايس پي ۾ شامل ٿيا يا ته اهي پنهنجو پاڻ کي سخت جدوجهد جي لاءِ تيار ڪن يا پي ايس پي کي ڇڏي هليا وڃن ڇو ته هاڻ پي ايس پي جو اهوئي رستو هوندو جيڪو الله جو حڪم هوندو.

ان چيو ته موجوده حالتن ۾ پاڪستان اهڙي طرح سان نه هلي سگهندو ، پوري قوم گٽرن وارو مليل پاڻي پي رهي آهي ، سيوريج جو نظام تباهه آهي ، ڪچرو کڻڻ وارو ڪير نه آهي ڪچرن جا ڍير لڳل آهن ، بجلي نه آهي ، روزگار نه آهي ، گيس ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ عذاب بڻيل آهي ، سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم نه آهي ، اسپتالن ۾ دوائون نه آهن ، هر طرف تباهي ۽ بربادي آهي ڪجهه به ٺيڪ نه آهي ، معيشت جو ٻيڙو ٻڏل آهي گهر ويهي ڪري اهي برائيون ختم نه ٿينديون. 

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

بلدياتي نظام بابت آئيني ترميم...

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير صحت مصطفىٰ ڪمال چيو آهي ته ايم ڪيو ايم جي بلدياتي نظام بابت آئيني...
spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});