اين اي 249 ۾ ٻيهر ڳڻپ: پيپلزپارٽي کانسواءِ سمورين پارٽين جو بائيڪاٽ

HomeFeatured Newsاين اي 249...

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پيپلز پارٽي کانسواءِ سڀني جماعتن اين اي 249 ۾ ٻيهر ڳڻپ جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو.

ن ليگ اميدوار مفتاح اسماعيل جي درخواست تي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ڪراچي جي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 249 ۾ ننڍي چونڊ لاءِ ڪاسٽ ڪيل ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ جو حڪم ڏنو هو.

ان سلسلي ۾ اڄ جي سي ٽي ڪاليج سائيٽ ڪراچي ۾ سڀني پولنگ اسٽيشنز ۾ وڌل ووٽن جي ڳڻپ جو عمل شروع ٿي چڪو هو پر تڪ مان ڪامياب ٿيندڙ پ پ کانسواءِ سڀني جماعتن ووٽن جي ڳڻپ جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو

. ن ليگ، پي ايس پي، ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ آر او کي بائيڪاٽ ليٽر جمع ڪرائي ڇڏيو آهي، جڏهن ته ووٽن جي ڳڻپ جاري آهي.

تڪ مان ن ليگ اميدوار مفتاح اسماعيل موجب صبح به آر او چيو فارم 46 نه ڏينداسين، اسان کي گهٽ ۾ گهٽ فارم تي صحيح تي ڏيکاريو، جڏهن پهريون ٿيلهو کليو ته سيل نه هئي، اسان کي چيو ويو سيل ڪِري پئي هوندي، رڳو پ پ اندر ويٺي آهي، اسان اليڪشن ڪميشن ۾ وينداسين.

چونداسين ٻيهر ڳڻپ دوران جيڪو مذاق ٿي رهيو آهي، ان کي روڪرايو، استعمال نه ٿيل بيلٽ ڳڻڻ ۽ صحيح جي جاچ پڙتال نه پئي ڪرائي وڃي، اسان کي چيو ويو ته رڳو فارم 45 ڏسڻ ڏينداسين، بيلٽ باڪس تي سيل ناهي لڳل.

تحريڪ انصاف اميدوار امجد آفريدي چيو ته پ پ ۽ اليڪشن ڪميشن مليل آهن، تعليم کاتي جا ملازم پريزائيڊنگ آفيسر هئا، ڌانڌلي ٿي آهي، پري پلاڪ اليڪشن ٿي آهي، هاڻ اسان کي فارم 46 نه ڏنو ويو ۽ رڳو 70 پولنگ اسٽيشنز جا فارم 45 ڏنا ويا، فارم 46 بنا ٻيهر ڳڻپ ڪيئن ٿي ٿي سگهي؟ جيستائين اسان کي فارم 46 ۽ سمورين پولنگ اسٽيشنز جا فارم 45 نٿا ڏنا وڃن ري ڪائونٽنگ جو حصو نٿا بڻجي سگهون ۽ ان عمل کي رد ڪيون ٿا.

اسان آر او کي درخواست ڏني آهي. هوڏانهن پي ايس پي اميدوار حفيظ الدين جو چوڻ هو ته هتي آر او اليڪشن ايڪٽ جي جانبداري ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ايم ڪيو ايم اميدوار حافظ مرسلين چيو ته 80 جي لڳ ڀڳ فارم 45 اسان جي پولنگ ايجنٽ کي نه ڏنا ويا.

اسان 9 وڳي کان ٻيهر ڳڻپ لاءِ ويٺا هئاسين. اين اي 249 ۾ ٻيهر ووٽن جي ڳڻپ جو بائيڪاٽ ڪندڙ اميدوارن تحريري درخواست آر او وٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي.

ن ليگ، ايم ڪيو ايم پاڪستان، پي ايس پي، پاسبان ۽ آزاد اميدوارن طرفان جمع ڪرايل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته فارم 46 ناهن ڏنا ويا، بليٽ بڪ جو ڪائونٽر فائل به موجود ناهي، پولنگ بيگ تي سيل به موجود ناهي،  اسان ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ جي عمل جو حصو نٿا بڻجي سگهون. ٻئي پاسي پي ٽي آءِ اليڪشن ڪميشن ۾ ضمني چونڊ کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.

پي ٽي آءِ پنهنجي درخواست ۾ چيو آهي ته چونڊ کان اڳ اين اي 249 ڪراچي مان 17 هزار ووٽ ٻين شهرن ۾ منتقل ڪيا ويا، تعليم کاتي مان من پسند آفيسرن کي پريزائيڊنگ آفيسر بڻائي آندو ويو.

پ پ پنهنجي اميدوار کي کٽرائڻ لاءِ ترقياتي منصوبا شروع ڪيا، اين اي 249 جي ڪيترين ئي پولنگ اسٽيشنز تي فارم 45 پولنگ ايجنٽن کي نه ڏنا ويا. پي ٽي آءِ درخواست ۾ اپيل ڪئي آهي ته ڌانڌلي سبب ضمني اليڪشن کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

واضح رهي ته اين اي 249 جي ننڍي چونڊ ۾ پ پ اميدوار قادر مندوخيل ڪامياب ٿيو هو ۽ ن ليگ جو مفتاح اسماعيل ٻئي نمبر تي رهيو، جڏهن ته ٻنهي ۾ 683 ووٽن جو فرق آهي.

ٻيهر ڳڻپ ۾ پ پ اميدوار جا 25، ن ليگ جا 27 ووٽ رد

ڪراچي: اين اي 249 تي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ دوران اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن جا 75 ووٽ رد ڪيا ويا آهن. اليڪشن ڪميشن جي عملدارن موجب ٻيهر ڳڻپ دوران پ پ اميدوار قادر خان مندوخيل جا 25 ووٽ رد ڪيا ويا.

پي ٽي آءِ اميدوار امجد آفريدي جا 27 ووٽ رد ٿيا، جڏهن ته مسلم ليگ ن جي اميدوار مفتاح اسماعيل جا 23 ووٽ رد ڪيا ويا. اليڪشن ڪميشن جي عملدارن چيو آهي ته مجموعي طور تي 75 ووٽ رد ٿي چڪا آهن.

نواز ليگ ٻيهر ڳڻپ دوران مقرر ٿيل آر او کي جانبدار قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي: نواز ليگ اين اي 249 تي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ دوران مقرر ٿيل آر او کي جانبدار قرار ڏئي ڇڏيو، ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ روڪڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

نواز ليگ اُميدوار مفتاح اسماعيل چيو آهي ته آر او ڪائونٽ فائر نه پيو ڏيکاري، اهڙي ڳڻپ بيڪار آهي، آر او فارم 46 ڏيڻ کان انڪار ڪندي چيو ته فارم 45 جي بُنياد تي ٻيهر ڳڻپ ڪيو، آر او جو اهڙو عمل غيرقانوني آهي، اليڪشن ڪميشن سنڌ جي آفيسر ۾ هلندڙ مذاق بند ڪري شفاف نموني ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ ڪرائي وڃي.

پي ٽي آءِ اُميدوار امجد آفريدي چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن سنڌ مان انصاف جي اُميد ناهي، تاريخ جي بدترين ڌانڌلي ذريعي اين اي 249 جي عوام جي حقن تي ڌاڙو هنيو ويو آهي.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

وزيراعظم شبازشريف 27 هين آئيني...

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شباز شريف پاڪستان پيپلز پارٽي (پي پي پي) کان 27 هين آئيني ترميمن جي حمايت...

پيپلزپارٽي ۽ جي يو آئي...

اسلام آباد(بيورو) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي يو آئي جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان سندس...

پنجاب ۾ ڪم تي تنقيد...

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز پنهنجي حڪومت تي تنقيد ڪندڙ ماڻهن کي جواب ڏيندي چيو ته...

عذير بلوچ کي راضي ڪرڻ...

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير علي زيدي لياري گينگ وار جي مک ڪردار عذير بلوچ جي ويجهي ساٿي حبيب...
spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});