اسلام آباد(بيورو) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي يو آئي جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي، جنهن دوران ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.
ملاقات ۾ بلاول ڀٽو سان گڏ نير حسين بخاري، ھمايون خان ۽ جميل سومرو موجود هئا، جڏهن ته جي يو آئي طرفان اڳوڻي وفاقي وزير مولانا اسعد محمود ۽ مفتی ابرار شرڪت ڪئي.
ٻنهي پارٽين جي اڳواڻن وچ ۾ ويجهڙائي وڌڻ جو اشارو ملي رهيو آهي، جيڪو مستقبل جي سياسي اتحادن لاءِ اهم قدم قرار ڏنو پيو وڃي

