لاهور(ويب ڊيسڪ) اڳوڻو وزيراعظم ميان محمد نواز شريف پرڏيهي ايئر لائن ذريعي لاهور کان لنڊن لاءِ روانو ٿيو.
خانداني ذريعن موجب، پاڪستان مسلم ليگ نواز (پي ايم ايل اين) جو صدر ۽ اڳوڻو وزيراعظم اڄ جاتي عمرا راءِ ونڊ کان علامه اقبال انٽرنيشنل ايئرپورٽ پهتو، جتان هو پرڏيهي ايئر لائن قطر ايئر ويز جي اڏام ذريعي لنڊن لاءِ روانو ٿيو. ان کان اڳ، نواز شريف جي روانگي لاءِ سڀ تياريون جاتي عمرا راءِ ونڊ ۾ مڪمل ڪيون ويون هيون. ذريعن موجب، نواز شريف جو لنڊن ۾ 2 هفتا رھڻ جو امڪان آهي. نواز شريف لنڊن ۾ پنهنجو معمول جو طبي معائنو به ڪرائيندو.
ياد رهي ته نواز شريف ڪجهه ڏينهن اڳ پنجاب انسٽيٽيوٽ آف نيورو سائنسز ۾ چيڪ اپ پڻ ڪرايو هو، جتي سندس ڳچيءَ جو ايم آر آءِ پڻ ڪيو ويو هو. نواز شريف کي پٺن ۾ سور جي شڪايت هئي. ان کان اڳ، نواز شريف هن سال جون ۾ لنڊن ويو هو.

