لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) جي قائد ۽ اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف ضمني چونڊن ۾ ڪامياب ٿيندڙ پارٽي اميدوارن ۽ ڪارڪنن کي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏني آهي.
نواز شريف پنهنجي ايڪس اڪائونٽ تي لکيو ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ وزيراعليٰ مريم نواز جي محنت ۽ بي لوث خدمت ملڪ کي صحيح راهه تي واپس آڻي رهي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستاني عوام تشدد، انتشار ۽ تخريبي سياست کي رد ڪري ترقي، خوشحالي ۽ استحڪام جي راهه جو انتخاب ڪيو آهي.

