اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)جميعت علماءِ اسلام (جي يو آءِ) جي سينيٽر ڪامران مرتضيٰ ايڊووڪيٽ وڏو انڪشاف ڪندي چيو آهي ته قومي اسيمبلي ۾ محمود خان اچڪزئي کي اپوزيشن ليڊر نواز شريف جي هدايت تي مقرر ڪيو ويو.
سينيٽر ڪامران مرتضيٰ موجب محمود خان اچڪزئي پاڻ نواز شريف سان سڌو رابطو ڪيو هو ۽ ان کان پوءِ ئي نوٽيفڪيشن جاري ٿيو. هن دعويٰ ڪئي ته نواز شريف پنهنجي اندر جي ڪاوڙ ڪڍڻ لاءِ به اهو قدم کنيو، جيڪو مستقبل ۾ وسيع تر ميثاقِ جمہوريت جو بنياد بڻجي سگهي ٿو.
ڪامران مرتضيٰ وڌيڪ چيو ته محمود خان اچکزئي جي يو آءِ جو به اپوزيشن ليڊر آهي، ڇو ته جماعت طرفان به سندس تقرري جو مطالبو ڪيو ويو هو. هن زور ڏنو ته جيئن قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر مقرر ڪيو ويو آهي، اهڙي طرح سينيٽ ۾ به اپوزيشن ليڊر جو تقرر ٿيڻ گهرجي.

