شهيدن ۾ ڪيپٽن وقار احمد، نائڪ عصمت الله، لانس نائڪ جنيد احمد، خان محمد ۽ سپاهي محمد ظهور شامل آهن، آءِ ايس پي آر
راولپنڊي: بلوچستان جي ڪيچ ضلعي ۾ آءِ اي ڊي ڌماڪي ۾ ڪيپٽن سميت 5 فوجي شهيد ٿيا، جڏهن ته فتنہ الھندوستان جا 5 دهشتگرد ڪليئرنس آپريشن ۾ مارجي ويا. پاڪستاني فوج جي پبلڪ رليشنز ڊپارٽمينٽ (آءِ ايس پي آر) موجب، 15 سيپٽمبر تي بلوچستان جي ڪيچ ضلعي جي شيربندي علائقي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي کي آءِ اي ڊي سان نشانو بڻايو ويو. ڌماڪي جي نتيجي ۾ پاڪستاني سرزمين جا 5 بهادر پٽ پنهنجيون جانيون وڃائي ويٺا. شهيدن ۾ ڪيپٽن وقار احمد، نائڪ عصمت الله، لانس نائڪ جنيد احمد، خان محمد ۽ سپاهي محمد ظهور شامل آهن. آءِ ايس پي آر موجب، ڪليئرنس آپريشن دوران، ڀارتي پراڪسي نيٽ ورڪ “فتنة الهندستان” جا 5 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته علائقي ۾ ڪنهن به ٻئي ڀارتي سرپرست دهشتگرد کي ختم ڪرڻ لاءِ سرچ ۽ صفائي جون ڪارروائيون جاري آهن. آءِ ايس پي آر چيو ته شهيدن جون عظيم قربانيون اسان جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته سيڪيورٽي فورسز، پوري قوم سان گڏ، ملڪ کي هندستان جي سرپرستي واري دهشتگردي کان مڪمل طور تي پاڪ ڪرڻ تائين پنهنجي جدوجهد جاري رکنديون.

