راولپنڊي: سيڪيورٽي فورسز خيبرپختونخوا ۾ ٻن خفيه آپريشنن دوران ڀارت جي سهولتڪار 15 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو۔ آءِ ايس پي آر موجب، آپريشنن کي 15 ۽ 16 نومبر تي ڪاميابي سان مڪمل ڪيو ويو.
پهرين ڪارروائي ديره اسماعيل خان ضلعي جي ڪلاچي واري علائقي ۾ ڪئي وئي، جتي دهشتگردن جي موجودگيءَ بابت خفيه اطلاع تي سيڪيورٽي فورسز فوري قدم کنيو۔ ان دوران دهشتگردن جي اهم اڳواڻ عالم محسود سميت 10 دهشتگرد مارجي ويا۔
ٻئي آپريشن ۾ اُتر وزيرستان جي دته خيل واري علائقي ۾ سيڪيورٽي فورسز وڌيڪ 5 دهشتگردن کي ماريو. سيڪيورٽي فورسز علائقي ۾ ڪليننگ جا آپريشن جاري رکيا آهن ته جيئن ڪنهن به باقي بچيل ڀارتي سهوليتڪار دهشتگرد کي ختم ڪري سگهجي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته دهشتگردي خلاف بي رحم مهم “عزمِ استحڪام” جي تحت جاري رهندي، جنهن جو مقصد ملڪ مان پرڏيهي سهڪار يافته دهشتگردي کي پاڙ کان پٽڻ آهي.

