تحريڪِ انصاف جي باني عمران خان طرفان خيبرپختونخوا لاءِ نئون وزيراعليٰ نامزد ڪيل سهيل آفريدي پهريون ڀيرو پي ڪي-70 مان صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو.
معلومات موجب، سهيل آفريدي جو تعلق ضلع خيبر سان آهي، جتان هو صوبائي وزارتِ اعليٰ جو عهدو سنڀاليندو. هو انصاف اسٽوڊنٽس فيڊريشن (ISF) خيبرپختونخوا جو صدر به رهي چڪو آهي، جتي هن نوجوان قيادت طور سڃاڻپ حاصل ڪئي.
موجوده حڪومت ۾ سهيل آفريدي وزيراعليٰ جو معاونِ خصوصي براءِ ڪميونيڪيشن اينڊ ورڪس رهيو، جڏهن ته صوبائي ڪابينا ۾ تبديلي بعد کيس وزير براءِ هائر ايجوڪيشن مقرر ڪيو ويو.
تعليمي لحاظ کان، هن بي ايس اڪنامڪس جي ڊگري حاصل ڪئي آهي، ۽ پيشوَ جي لحاظ سان هو هڪ بزنس مين آهي.
عام چونڊن ۾ سهيل آفريدي مسلم ليگ (ن) جي بلاول آفريدي ۽ جمعيت علماءِ اسلام جي حميد الله جان آفريدي سميت ٻين اميدوارن کي وڏي مارجن سان شڪست ڏني هئي.
سندس نامزدگي خيبرپختونخوا جي سياسي منظرنامي ۾ نئين تبديليءَ جو اشارو ڏني پئي وڃي، جتي نوجوان قيادت کي اڳتي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

