راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) وزيراعليٰ خيبر پختونخوا سهيل آفريدي اڊياله روڊ تي ڌرڻو ھڻي ڇڏيو، جڏهن کيس اڳوڻي وزيراعظم عمران خان سان ملاقات جي اجازت نه ملي. آفريدي چيو ته “عدالتي حڪمن باوجود اسان کي پنهنجي ليڊر سان ملڻ نه ڏنو ويو، جيڪو عدليه جي بيبسي جو ثبوت آهي، ججز پنهنجا حڪم مڃرائڻ ۾ ناڪام ٿي ويا آهن، سوچڻو پوندو ته ملڪ ڪهڙي طرف وڃي رهيو آهي.”
رپورٽن موجب، سهيل آفريدي پي ٽي آءِ ڪارڪنن سان گڏ اڊياله روڊ تي ويهي رهيو، جنهن سبب ٽريفڪ مڪمل طور تي جام ٿي وئي. صورتحال جي سنگيني کي ڏسندي، آفريدي جو سيڪيورٽي اسٽاف ۽ راولپنڊي پوليس الرٽ ٿي ويا، جڏهن ته ٽريفڪ جام سبب عام شهرين کي سخت پريشاني کي منهن ڏيڻو پيو.
ڌرڻي دوران پي ٽي آءِ ڪارڪنن پاران نعريبازي ڪئي وئي. ڪجهه وقت بعد وزيراعليٰ آفريدي ڌرڻو ختم ڪري ڪارڪنن سميت روڊ تان هٽي ويو، جنهن کان پوءِ پوليس ٽريفڪ بحال ڪري ڇڏي.
ميڊيا سان ڳالهائيندي آفريدي چيو ته “مون کي وزيراعليٰ بڻجڻ کانپوءِ ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي، هڪ شخص ڪي پي آيو ۽ چيو ته مان وزيراعليٰ نه بڻجي سگهان. مون پنهنجي ليڊر کان رهنمائي وٺڻي آهي، ان لاءِ ملاقات ضروري آهي. مون وفاقي ۽ پنجاب حڪومت کي ملاقات لاءِ لکيو، عدالتن ۾ به وياسين، پر ڪنهن نه ٻڌو.”
هن وڌيڪ چيو ته “هاڻ مان عوام جي عدالت ۾ ويندس. وزيراعليٰ طور منهنجو ڪم عوام جي خدمت آهي، جلسا جلوس پارٽي جو ڪم آهي. پارٽي جي هدايتن تي عمل ڪندس. حڪمت عملي واضح آهي، باني پي ٽي آءِ جي اجازت کانسواءِ ڪابينا نه ٺهندي. باني پي ٽي آءِ اسان جي دلين ۾ آهي، منهنجو لائحه عمل به ساڳيو آهي، ۽ افغان ڀائرن کي عزت ۽ وقار سان واپس موڪلينداسين.

