پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا ۾ نئين صوبائي ڪابينا جي جوڙجڪ لاءِ اهم سياسي مشاورتون تيزي سان جاري آهن، جتي وزيراعليٰ سهيل آفريدي تي اڳوڻن وزيرن کي ٻيهر شامل ڪرڻ لاءِ شديد دٻاءُ وڌي رهيو آهي.
پارٽي ذريعن موجب، اڳوڻن وزيرن پختون يار ۽ سجاد بارڪوال کي ڪابينا ۾ شامل ڪرڻ لاءِ سهيل آفريدي سان لڳاتار رابطا ڪيا پيا وڃن. اسلام آباد جي ڪي پي هائوس ۾ رات دير تائين پارٽي جي اهم اڳواڻن سان وزيراعليٰ جون تفصيلي ملاقاتون پڻ ٿيون.
مرڪزي سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا پاران به سهيل آفريدي سان ڪابينا جي جوڙجڪ بابت ٽي ملاقاتون ٿي چڪيون آهن. پارٽي جي ڪجهه حلقن طرفان تجويز ڏني وئي آهي ته تيمور سليم جھگڙا کي صحت واري وزارت بدران مشير خزانه مقرر ڪيو وڃي.

