اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) توشه خانه 2 ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي باني عمران خان ۽ سندس زال بشرا بي بي جي بريت جون درخواستون ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيون ويون آهن.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 7 آڪٽوبر تي ٻڌڻي لاءِ درخواستون مقرر ڪيون آهن. جسٽس انعام امين منهاس درخواستن تي ٻڌڻي ڪندا.
عمران خان ۽ بشرا بي بي توشه خانه 2 ڪيس جي ٽرائل کي روڪڻ جي به درخواست ڪئي آهي.
واضح رهي ته بريت جون درخواستون جنوري ۾ عدالت ۾ داخل ڪيون ويون هيون.

